English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي مزدور تحريڪ ڪراچي ڊويزن طرفان شير پائو ملير ۾ مچ ڪچهري منعقد
242 views
|
08th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مچ ڪچهري ۾ سياسي، سماجي ۽ مزدور تنظيمن جي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي مزدور تحريڪ ڪراچي ڊويزن طرفان شير پائو ملير ۾ رنگا رنگ مچ ڪچهري جو شاندار پروگرام ڪيو ويو، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ مزدور تنظيمن جي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، تقريب جي اڳواڻي عبدالجبار پليجو، محمد علي ساھڙ، عنايت آرباڻي، طارق چانڊيو ۽ ٻين عهديدارن ڪئي، جڏهن ته عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اقبال جروار، ڪراچي ڊويزن جي صدر عبدالله ٻپڙ، حامد مير عباسي، اياز ڪنگو، عزیز لانگا، خورشید قريشي، يوسف نوحاڻي، نويد سنڌي سميت ڪيترن ئي ساٿين پڻ شرڪت ڪئي.مچ ڪچهري دوران مقررین سنڌ جي ثقافت، مزدور طبقي جي مسئلن ۽ جديد دور ۾ مزدور جدوجهد جي اهميت تي تفصيلي خطاب ڪيا. اڳواڻن چيو ته سنڌي مزدور تحريڪ جو مقصد مزدورن جي حقن لاءِ گڏيل آواز اٿارڻ، استحصال جي خاتمي ۽ مزدورن لاءِ باعزت روزگار جا موقعا پيدا ڪرائڻ آهي.تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن چيو ته مچ ڪچهري جهڙيون ثقافتي تقريبون نه رڳو سنڌي روايتن کي زنده رکن ٿيون، پر گڏيل جدوجهد لاءِ ماڻهن کي هڪ پليٽفارم تي گڏ به ڪن ٿيون. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته حڪومت مزدورن جي اجرتن ۾ اضافو ڪري، سماجي تحفظ جا قانون مؤثر بڻائي ۽ مزدورن لاءِ سهولتون مهيا ڪري.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Sep 2026
•
سندھ
لاڑکانہ: تین بچے پراسرار طور پر لاپتا، اہلِ خانہ پریشانی میں مبتلا
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد میں بارش نے تباہی مچا دی، سڑکیں تالاب کا منظر پیش کرنے لگیں، فوج تعینات
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد ہائی کورٹ کا عمران خان کی اہلِ خانہ سے ملاقات اور بیٹوں سے فون پر بات کرانے کا حکم
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
سندھ حکومت کا بلدیاتی نظام میں بڑی تبدیلیوں پر غور، بلدیاتی انتخابات کے حوالے سے اہم فیصلہ
01st Sep 2026
•
سندھ
لاڑکانہ: تین بچے پراسرار طور پر لاپتا، اہلِ خانہ پریشانی میں مبتلا
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد میں بارش نے تباہی مچا دی، سڑکیں تالاب کا منظر پیش کرنے لگیں، فوج تعینات
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
اسلام آباد ہائی کورٹ کا عمران خان کی اہلِ خانہ سے ملاقات اور بیٹوں سے فون پر بات کرانے کا حکم
01st Sep 2026
•
تازہ ترین
سندھ حکومت کا بلدیاتی نظام میں بڑی تبدیلیوں پر غور، بلدیاتی انتخابات کے حوالے سے اہم فیصلہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مچ ڪچهري ۾ سياسي، سماجي ۽
0 تبصرے