شهدادڪوٽ ۾ شهرين جو قبو سعيد خان روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو

واٽرسپلا جي پائيپ لائين ٽٽڻ سبب پاڻي مختلف علائقن ۾ تلاءَ جي شڪل ۾ بيٺل آهي: مظاهرين

شهدادڪوٽ ۾ شهرين جو قبو سعيد خان روڊ تي ٽائر ساڙي ڌرڻو

شهدادڪوٽ (رپورٽر)شهدادڪوٽ جي قبوسعيد خان روڊ تي واٽرسپلا جي ڀڳل پائيپ لائين مان واٽرسپلائي جو پاڻي روڊ سميت شمبوزئي محلي ۽ مسڻ محلي جي گهٽين ۾ بيهجي وڃڻ تي شهرين پاران پبلڪ هيلٿ کاتي جي انجنيئر ۽ ايس ڊي او خلاف قبو سعيد خان روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هڻي فوري طور تي روڊ ۽ گهٽين ۾ بيٺل پاڻي نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. ان موقعي تي شهرين راجا شمبوزئي بروهي. محمد علي. پير بخش پٺاڻ. محمد بخش بروهي. ڊاڪٽر ولي محمد بروهي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته پبلڪ کاتي جي انجنيئر ۽ ايس ڊي او جي نا اهلي جي ڪري واٽرسپلائي جا مين پائيپ جيڪي روڊن ۽ گهٽين مان گذري رهيا آهن اهي واٽرسپلائي جا پائيپ لائين هنڌان هنڌان ڀڳل ۽ ٽٽل هجڻ ڪري واٽرسپلائي جو پاڻي قبوسعيد خان روڊ شمبوزئي محلي ۽ مسڻ محلي جي گهٽين ۾ بيهجي وڃڻ ڪري شهرين کي شهر ۽ گهرن طرف اچڻ ۽ وڃڻ ۾ سخت پريشانين ۽ مشڪلاتن کي منهن ڏيئڻو پئجي رهيو آهي. شهرين پ پ پ ايم پي اي نادر خان مگسي سميت اعلي ادارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڀڳل ۽ ٽٽل واٽرسپلائي جي لائينن جو نوٽيس وٺي روڊن ۽ گهٽين ۾ بيٺل گندو پاڻي نيڪال ڪرائي شهرين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪري شهرين کي جيئڻ جو بنيادي حق ڏنو وڃي.