بلڙي شاه ڪريم ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

ٽنڊومحمدخان سجاول روڊ تي حادثي ۾ 12 ورهين جو رميز رند زخمي ٿيڻ بعد فوت

بلڙي شاه ڪريم ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر ۾ نينگر فوت

بلڙي شاه ڪريم (رپورٽر) بلڙي شاه ڪريم ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جو 12 ورهين جي نينگر کي ٽڪر، نينگر فوت، لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام، سجاول ٽنڊومحمدخان روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جو 12 ورهين جي نينگر رميز پٽ ڀٽو رند زخمي ٿي پيو، زخمي نينگر کي رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي شاھه ڪريم پهچايو ويو، جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو، اطلاع تي بلڙي شاه ڪريم پولیس ٽريڪٽر ڊرائيور کي گرفتار ڪري، ٽريڪٽر ٽرالي تحویل ۾ وٺي ڇڏي آهي، ضروري ڪارروائي بعد نينگر جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو آهي،