احتشام ڀٽي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز، حمزه خان بيسٽ باولر آف ٽورنامينٽ جو اعزاز ماڻيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري جي خانگي اسڪولن جو ٻن ڏينھن جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ميلو شاندار مقابلي بعد اسلاميہ اسڪول پنھنجي نالي ڪري ورتو، روڪ رقم، ٽرافيون ۽ شيلڊون ڏئي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي وئي. خبر موجب ڪنري جي خانگي اسڪولن جي شاگردن جو ٻن ڏينھن جو پھريون انٽر اسڪول مرحوم انجنيئر حماد آرائين ميموريل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ پڄاڻي تي پھتو، رحمت ڪالوني گرائونڊ ۾ خانگي اسڪولن جي تنظيم آل پرائيويٽ اسڪولز ميئنيجمينٽ ايسوسي ايشن پاران شھر جي 14 اسڪولن جي ٽيمن ۾ ٻن ڏينھن جي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا ڪرايا ويا، ٽورنامينٽ جو فائينل ميچ تربيہ اسڪول ۽ اسلاميہ اسڪول وچ ۾ کيڏيو ويو، جيڪو تربيہ اسڪول جي ٽيم مقرر 4 اوورن ۾ 71 اسڪورن جو حدف ڏنو جيڪو اسلاميہ اسڪول جي ٽيم شاندار مقابلي بعد 7 وڪيٽن تان پنھنجي نالي ڪري چيمپيئن بڻجي وئي. اسلاميہ اسڪول جي احتشام ڀٽي 56 اسڪور ٺاهي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز پنهنجي نانءُ ڪيو جڏھن ته حمزه خان بيسٽ باولر آف ٽورنامينٽ جو اعزاز حاصل ڪيو. ان موقعي تي پرائيويٽ اسڪولز ميرپورخاص ريجن جي ڊائريڪٽر عبدالھادي دائودپوٽي مھمان خاص طور شرڪت ڪئي جڏھن ته آل پرائيويٽ اسڪولز ميئنيجمينٽ ايسوسي ايشن جي ريجنل صدر فيصل خان زئي، ريجنل نائب صدر غظنفر علي، ضلعي صدر نور محمد نھڙي، پ پ اڳواڻ عمران خان، واپاري اڳواڻ رضا حفيظ آرائين، مختلف اسڪولن جي پرنسپالز محمد حسن ميمڻ، محمد اشرف آرائين، خالد ڀٽي، گل احمد خان، پرين خاصخيلي، گلزار احمد سميت اسڪولي شاگردن، شھرين ۽ ڪرڪيٽ جي شوقينن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي فائنل ميچ کٽيندڙ ۽ ھارائيندڙ ٽيم، رانديگرن ۽ ٽورنامينٽ ڪميٽي کي ٽرافيون، روڪ رقم، انعام ڏنا ويا. جڏھن ته مشھور ڪرڪيٽر مير افغان خان ۽ ڌيوانند ميگھواڙ ڪمينٽري جا فرض سرانجام ڏنا.
0 تبصرے