عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم “سپارڪ” پاران تعليمي آگاهي مهم شروع

ٻار قوم جو سرمايو آهن، انهن کان مزدوري ڪرائڻ بدران کين قلم ۽ ڪتاب ڏنا وڃن: خديجه بلوچ

عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم “سپارڪ” پاران تعليمي آگاهي مهم شروع

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم سپارڪ طرفان تعليم عام ڪرڻ ۽ مزدورن توڙي غريبن جي ٻارن کي اسڪول ڏانهن مائل ڪرڻ لاءِ هڪ زبردست آگاهي مهم شروع ڪئي وئي آهي، مهم دوران تنظيم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن چيو آهي ته ٻارن کي وڌ کان وڌ تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ⁠تہ اهي ئي مستقبل جا آفيسر، ڊاڪٽر، استاد، ليڪچرار، پروفيسر ۽ ڪميشن جا آفيسر بڻجڻا آهن، جيڪي ملڪ ۽ سماج جو مستقبل سنواريندا، سپارڪ جي نمائندن سوشل آرگنائيزر خديجه بلوچ چيو ته ٻار قوم جو سرمايو آهن، انهن کان مزدوري ڪرائڻ بدران کين قلم ۽ ڪتاب ڏنا وڃن، اڄ جيڪو ٻار اسڪول کان پري آهي، اهو سڀاڻي سماج لاءِ مسئلو بڻجي سگهي ٿو، هنن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته سرن جي بٺن تي معصوم ٻار سخت مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، جتي هو بانڊيڊ ليبر جي صورت ۾ قيد جهڙي زندگي گذاري رهيا آهن ۽ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن، جڏهن⁠ تہ ٻين هنڌن تي ڪم ڪندڙ ڪيترائي ٻار آزاد آهن ۽ تعليم جا موقعا حاصل ڪري سگهن ٿا، ھن واضح ڪيو ته جيڪڏهن غريب گهراڻن کي مجبوري آهي ته سندن ٻار اسڪول جي وقت کان پوءِ هلڪو ڪاروبار يا ڪم ڪري سگهن ٿا، پر سرن جي بٺن تي مزدوري هرگز نه ڪرڻ گهرجي، ڇو⁠تہ اها نه رڳو ٻارن جي صحت ۽ تعليم لاءِ نقصانڪار آهي، پر سندن مستقبل به تباهه ڪري ٿي، ھنن حڪومت، سماجي ادارن ۽ والدين کي اپيل ڪئي ته هو گڏجي ٻارن جي تعليم لاءِ ڪردار ادا ڪن، سرن جي بٺن تان ٻارن کي آزاد ڪرائين ۽ کين اسڪولن ۾ داخل ڪرائي روشن مستقبل ڏانهن قدم وڌرائين، آخر ۾ سپارڪ جي ضلع عمرڪوٽ جي اڳواڻن سوشل آرگنائيزر خديجه بلوچ ۽ ٻين اهو پيغام ڏنو ويو ته ٻارن کي پڙهايو، قوم کي بچايو تعليم ئي ترقيءَ جو واحد رستو آهي