English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شهيد فاضل راهو جي 39هين ورسي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ تقريبون منعقد
37 views
|
17th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گولاڙچي /حيدرآباد : قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي اڄ ھاري اڳواڻ شھيد عوام محمد فاضل راھو جي 39 ھين ورسي سڄي ۾ ملھائي وئي.ان ڏس ۾ قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي وفد سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو،سنڌياڻي تحريڪ جي جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سونهن گوپانگ، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سانول گوپانگ ، گيان چند مھيشوري ، اسماعيل مھيري صاحب يوسف لاشاري، حسين درس،سائين بخش خاصخيلي،امام ڏنو شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ راھوڪي پھچي ھاري اڳواڻ ۽ سنڌ جي سورهيه شھيد عوام محمد فاضل راھو جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس شاندار ڀيٽا پيش ڪئي وئي. جڏهن تہ گھگھڙ ڦاٽڪ تي فياض اتيرو ۽ فرحان لاڙ، ڪراچي جي علائقي رزاق آباد پريس ڪلب ۾ اشفاق چنڙ منان شيخ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي آفيس تي ورسي جو پروگرام ٿيو، جنھن ۾ سينيئر اڳواڻ نظير بليدي بابو ميمڻ الطاف خاصخيلي، زينت سمون، شوڪت سريوال ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ميھڙ شھر ۾ ايڊووڪيٽ مير کوسوزل، سومر چانڊيو، جاويد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪيو. ڊگھڙي ۾ شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيوش ڪرڙ ريٻاري، انور نوحاڻي، شھدادپور ۾ محمود رخشاڻي، زبير ماڪوڙاڻي، صدام کوسو، ڄام صاحب ۾ مير منگي، ابراھيم بگٽي، ڪنڌڪوٽ ۾ فدا مھمداڻي، سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، ارسلا بھلڪاڻي، ٺل ۾ روشن ڪنراڻي، فريد جعفريز وھاب ڪنراڻي، لاڙڪاڻي ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، نصيرآباد ۾ علي اڪبر خاصخيلي، ايڊووڪيٽ عنايت تنيو، ضمير کور، پناھ تنيو، شڪارپور ۾ زاھد گھلو، ايڊووڪيٽ ظفر چنا، امداد سومرو،مڪلي تي صدر ممتاز شيخ، ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، ٽنڊو محمد خان جي شھر مويا ۾ رمضان رند، حنيف باگراڻي، ايڊووڪيٽ آڪاش رند، مٺي ۾ زاھد گل اوٺو، سريش ڪمار،مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي، نعيم احمد، ظفر خاصخيلي، ٻنون شهر ۾ زين سومرو، بولا خان ڌماچ، ڪوٽڙي ۾ اعجاز سومرو اڳواڻ، ذاڪر گرگيز، نعيم شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ورسي ملهائي وئي. ان موقعي تي سنڌي ھاري تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري عبدالله چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ شهيد محمد فاضل راهو سنڌ جي مظلوم عوام، غريب هارين ۽ پورهيتن جو مظبوط آواز هو، فاضل راهو سڄي زندگي ظلم، ناانصافي ۽ استحصال خلاف جدوجهد ڪئي. هن هارين ۽ مزدورن کي پنهنجا حق ڏيارڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ سان بي پناھ محبت ڪئي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سانول گوپانگ خطاب ڪندي چيو تہ فاضل راهو جون سنڌ لاءِ ڏنل قربانيون ڪڏهن بہ وساري نٿيون سگهجن، سندس مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جا ڪارڪن هر ميدان ۾ جدوجهد جاري رکندا. آخر ۾ شهيد جي راھ تي هلڻ ۽ سنڌ جي حقن لاءِ متحد رهڻ جو عزم پڻ ورجايو ويو. سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سونهن گوپانگ خطاب ڪندي چيو تہ شھيد فاضل ساھ جي آخري ھڏڪي تائين قوم وطن سنڌ سان وفادار رھيو. شھيد فاضل نيلام بند ڪيو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، آبادگارن ۽ ھارين سميت مظلوم طبقي سان ٿيندڙ ظلمن خلاف جدوجھد ڪئي. شھيد فاضل راھو سنڌ ۽ مظلوم عوام جي اميد ۽ حوصلو ھو. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ شھيد فاضل راھو رڪ مان ٺھيل سنڌ جو ثبوت ۽ سرويچ سپاهي ھو ھڪڙا ماڻهو سپاهي ھوندا آھن ٻيا ڪمانڊر ھوندا آھن فاضل سپاهي بہ ھو ۽ ڪمانڊر بہ ھو شھيد فاضل راھو کي پارٽي ڊيوٽي ڏيندي چوندي ھئي تہ سپاهي ٿي تہ فاضل سپاهي ٿي ويندي ھو ۽ چوندي ھئي ڪمانڊر ٿي تہ فاضل ڪمانڊر ٿي ويندو ھو شھيد فاضل راهو حڪم جو تابع ھو، وڏيراشاهي، سرداري، جاگيرداري نظام سان نفرت ڪندو هو ھارين، مزدورن ۽ مسڪينن ماڻهن سان پيار ۽ محبت ڪندو هو سندن ڏک سک ۾ ساڻن ھر وقت گڏ بھيندو ھو. اياز لطيف پليجي چيو تہ وڏيرو فاضل راهو بہ ھو جيڪو ڪولھين، ڀيلن، ميگهواڙن، شڪارين، خاصخيلين ، سولنگين ، ريٻارين، ھارين، مزدورن، مسڪينن سماج مان ڌڪاريل ماڻھن جي حقن لاءِ وڙھندو ۽ جاکوڙيندو ھو. اياز لطيف پليجي چيو شھيد فاضل راھو سنڌ جي حقن لاءِ ميدان جنگ ۾ ھوندو ھو ڏينهن ھجي يا رات فاضل کي ھڪل ٿي تہ فاضل ميدان تي ھوندو. شھيد فاضل راھو کي سمجهيو ويندو هو تہ وڏيرو آهي ان جو علم، عقل سان واسطو نہ ھوندو فاضل راهو ڊگرين وارو عالم نہ پر عوامي ڄاڻ ۽ جدوجھد وارو عالم ھو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Jan 2026
•
تازہ ترین
پاکستان میں ایک سال کے دوران 6,624 جنسی زیادتی کے کیس رپورٹ
17th Jan 2026
•
سندھ
نووشہرو فیروز:صحافیوں سے بدتميزی پر ایس ایس پی نوشہرو فیروز نے بدمست ایس ایچ او ٹھارو شاہ اسلم لغاری کو ہٹا دیا
17th Jan 2026
•
سندھ
خيرپور ناتھن شاه: مسلح ڈاکوؤں نے مزاحمت کرنے پر نوجوان کو گولیاں مار کر قتل کرديا، چار بکریاں لوٹ لی گئیں
17th Jan 2026
•
پاکستان
جھل مگسی، مسلح افراد کی فائرنگ سے چیئرمین یونین کونسل آصف خان مگسی جاں بحق، 2 کم سن بیٹے زخمی
17th Jan 2026
•
تازہ ترین
پاکستان میں ایک سال کے دوران 6,624 جنسی زیادتی کے کیس رپورٹ
17th Jan 2026
•
سندھ
نووشہرو فیروز:صحافیوں سے بدتميزی پر ایس ایس پی نوشہرو فیروز نے بدمست ایس ایچ او ٹھارو شاہ اسلم لغاری کو ہٹا دیا
17th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
شهيد فاضل راهو جي 39هين ورسي، قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي سڄي سنڌ ۾ تقريبون منعقد
17th Jan 2026
•
سندھ
خيرپور ناتھن شاه: مسلح ڈاکوؤں نے مزاحمت کرنے پر نوجوان کو گولیاں مار کر قتل کرديا، چار بکریاں لوٹ لی گئیں
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
شهيد فاضل راهو جي ورسي
قومي عوامي تحريڪ جي
fazil rahu
qaumi awami tehreek
0 تبصرے