عمرڪوٽ ۾ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيڻ واري واقعي جو ٽريڪٽر ڊرائيور گرفتار

ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ڊرائيور يار محمد سمون کي گرفتار ڪري ورتو: پوليس

عمرڪوٽ ۾ حادثي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿيڻ واري واقعي جو ٽريڪٽر ڊرائيور گرفتار

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي ۾ ڍورونارو عمرڪوٽ روڊ تي پيش آيل حادثي واري ڪيس ۾ پوليس اهم اڳڀرائي حاصل ڪري ورتي آهي، تعلقه ٿاڻي عمرڪوٽ جي ايس ايڇ او جاويد حيات پنهور جي اڳواڻي ۾ پوليس ٽيم مسلسل ڳولا ۽ محنت کان پوءِ حادثي ۾ ملوث ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ڊرائيور يار محمد سمون کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي، واضح رهي ته 16 ڏينهن اڳ ڍورونارو عمرڪوٽ روڊ پپري موري اسٽاپ ڀرسان ڪاٺين سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي موٽرسائيڪل تي سوار ٻن نوجوانن کي ٽڪر هنيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ ڍورونارو شهر جا نوجوان مرتضيٰ راڄڙ ۽ ذوهيب پٺاڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا هئا، حادثي کان پوءِ ٽريڪٽر ڊرائيور ٽريڪٽر سميت فرار ٿي ويو هو، واقعي بعد پوليس طرفان مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا ۽ فني بنيادن تي جاچ جاري رکي وئي، آخرڪار پوليس ٽيم حادثي ۾ استعمال ٿيل ٽريڪٽر ٽرالي هٿ ڪري ڊرائيور يار محمد سمون کي گرفتار ڪيو، جنهن پوليس آڏو ڏوهه جو اعتراف ڪندي حادثي ۾ ملوث هجڻ قبول ڪيو، فوتي نوجوان مرتضيٰ راڄڙ جي والد ممتاز راڄڙ جي فرياد تي تعلقه ٿاڻي عمرڪوٽ تي قلم 320 تحت ٽريڪٽر مالڪ ڪيول ڪولهي ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور يار محمد سمون خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پوليس موجب گرفتار ٿيل جوابدار کان وڌيڪَ جاچ جاري آهي ۽ جلد ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوانن جي وارثن ۽ علائقي واسين پوليس جي هن اهم اڳڀرائي کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته کين انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ ڏوهارين کي قانون مطابق سزا ملندي.