ملير: ڳوٺ سومار جوکيو ۾ هٿياربندن پاران گهر مان ڌاڙو

هٿياربندن شهيد زوار کوکر جي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻايو

ملير: ڳوٺ سومار جوکيو ۾ هٿياربندن پاران گهر مان ڌاڙو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي حد سومار جوکيو ڳوٺ ۾ شهيد زوار کوکر جي گهر ۾ نامعلوم هٿياربندن ڌاڙو هڻي گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي گهر ۾ موجود روڪ رقم، زيور ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا ذريعن موجب ڌاڙيل رات جو هٿيارن سميت گهر ۾ داخل ٿيا، جتي هنن گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارن سميت سڀني کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو. ڌاڙيلن بي خوف ٿي گهڻي دير تائين گهر جي تلاشي ورتي ۽ المارين سميت ڪمرا اُٿلائي ڇڏيا۔ ڌاڙيل گهر مان هزارين روپيا روڪ رقم، سونا زيور، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي گهريلو سامان کڻي ويا، جڏهن ته واردات بعد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔واقعي جي اطلاع ملڻ شرط اسٽيل ٽائون پوليس موقع تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته متاثر خاندان جي فرياد تي قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسٽيل ٽائون ۽ ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ ڏوهن جي وارداتن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پوليس گشت نه هئڻ برابر آهي. رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي ڌاڙيلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي۔پوليس موجب جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جاري آهي ۽ جلد ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويندو۔