کپرو نيشنل پريس ڪلب کپرو جي نو منتخب عهديدارن کي مبارڪبادن جو سلسلو جاري

کپرو نيشنل پريس ڪلب کپرو جي نو منتخب عهديدارن کي مبارڪبادن جو سلسلو جاري

کپرو نيشنل پريس ڪلب کپرو جي نو منتخب عهديدارن کي مبارڪبادن جو سلسلو جاري، عوامي محبت ڏسي انتهائي خوشي ٿي آهي: صدر فريد مغل تفصيل موجب نيشنل پريس ڪلب کپرو سال 2026–2027 لاءِ نو منتخب عهديدارن کي کپرو جي عوام، شهرين، صحافين ۽ واپارين طرفان ڀرپور پذيرائي ملي رهي آهي. نيشنل پريس ڪلب کپرو تي مبارڪباد پيش ڪرڻ لاءِ ايندڙن جو سلسلو جاري رهيو. ان موقعي تي کپرو جي صحافين صابر ڀنبرو، جَي ڪمار مالهي، حسن هنگورو، سابقه واپڊا وائيس چيئرمين طيب چنا، واپارين ساوڻ هنگورو، مستري لال راجواڻي، راشد چوهان، پوڻ ڪمار بچاڻي، سابقه يوسي چيئرمين هتونگو، نور حسن شر ۽ ٻين شهرين نيشنل پريس ڪلب کپرو پهچي نو منتخب عهديدارن کي مبارڪباد ڏني، گلن جا هار پارايا ۽ سنڌي ثقافت جي علامت اجرڪ تحفي طور پيش ڪئي. ان موقعي تي نيشنل پريس ڪلب کپرو جي نو منتخب صدر فريد مغل چيو ته نيشنل پريس ڪلب کپرو جو منشور غريب عوام جي خدمت، سچي صحافت کي هٿي ڏيڻ ۽ مظلومن جي آواز بڻجڻ آهي. هن چيو ته اڄ کپرو جي شهرين طرفان جيڪا محبت ۽ پذيرائي ملي رهي آهي، اها اسان جي صحافتي خدمتن جو نتيجو آهي، جنهن تي اسان کي انتهائي خوشي محسوس ٿي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل پريس ڪلب کپرو هميشه شهرين سان گڏ بيهندو ۽ سندن مسئلن کي اجاگر ڪندو.