سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رٽائرڊ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا

سنڌ پينشرز الائينس پاران ڪراچي، لاڙڪاڻو، قمبر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، سامارو، پٿورو، بدين، خيرپور، دوڙ ۾ مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ رٽائرڊ ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرا

عمرڪوٽ/سجاول/لاڙڪاڻو/ قمبر/ سانگهڙ (رپورٽرز وٽان) سجاول ۾ سنڌ پينشنرز الائينس مرڪزي باڊي جي سڏ تي پينشنرز رٽائرڊ ملازم تنظيم سپا ۽ گريوا سجاول پاران مطالبن جي مڃتا لاءٍ پبلڪ پارڪ سجاول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي غلام مصطفي سوھو عطا حسين شاهه رزاق لنڊ عبدالغفور ميمڻ محمد جمن ملاحح نوراحمد شاعر نانا عثمان زئور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ۽ مطالبو ڪندي چيو سنڌ سرڪار رٽائرڊ ملازمن جا جائز مطالبا حل ڪري گروپ انشورنس بينوئل فنڊ پگھار ۽ پينشن ۾ فرق ختم ڪري فوري ڪوٽا ۽ سن ڪوٽا بحال ڪري انصاف ڪيو وڃي ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ رٽائرڊ ملازمن شرڪت ڪئي رٽائرڊ ملازمن پاران مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ مرڪزي باڊي پاران ڪراچي پريس ڪلب اڳيان 9 فيبروري تي اعلانيل احتجاج ۾ رٽائرڊ ملازم تنظيم سپا سجاول پاران ڀرپور شرڪت ڪئي ويندي، عمرڪوٽ ۾ رٽائرڊ ملازمن ۽ پينشنرن جو مطالبن جي مڃتا لاء احتجاجي مظاهرو، مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ چتاءُ. خبر موجب ضلعي عمرڪوٽ جي چئني تعلقن ڪنري، پٿورو، سامارو ۽ عمرڪوٽ جي رٽائرڊ ملازمن ۽ پينشنرن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ عمرڪوٽ شهر ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي ويئي مظاھري دوران اڳواڻن سنڌ پينشنرس الائنس ضلعي عمرڪوٽ جي صدر حاجي حامد علي جوکيو، فيض محمد راھمون، علي محمد ڪنڀر، پروفيسر اڪبر علي خاصخيلي، ڪمليش ڪمار لوھاڻو، ماڌو داس سوٽھڙ، زمان کوسو، ارباب انڙ، حاجي الهبخش ڪنڀر، حاجي محمد رمضان صابراڻي، سميت ضلعي جي چئين تعلقن جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ رٽائرڊ ملازمن ۽ پينشنرن شرڪت ڪئي ۽ حڪومت کان فوري طور مطالبن جي مڃتا جو مطالبو ڪيو، مظاهري دوران اڳواڻن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رٽائرڊ ملازم پنهنجي پوري سروس عوام جي خدمت ۾ گذاري چڪا آهن، پر افسوس جو اڄ سندن بنيادي حق به نظرانداز ڪيا پيا وڃن، هنن چيو ته گروپ انشورنس، بينوولينٽ فنڊ ۽ صحت ڪارڊ جهڙيون سهولتون وقت سر نه ملڻ سبب پينشنرز سخت مالي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مظاهرين گروپ انشورنس جي رقم فوري طور جاري ڪرڻ، بينوولينٽ فنڊ جا واجبات ادا ڪرڻ، صحت ڪارڊ جي سهولت بنا ڪنهن دير جي مهيا ڪرڻ، سال 2022 ۽ 2023 جو رهيل 10 سيڪڙو پينشن اضافو ڪري فوري طور لاڳو ڪرڻ سميت ايندڙ بجيٽ ۾ پگهار ۽ پينشن ۾ هڪجهڙو ۽ مناسب اضافو ڪرڻ جي حوالي سان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سان مطالبا ڪيا ويا ھنن چيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا جلد تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاجي تحريڪ تيز ڪئي وينديدوڙ ۾ رٽائرڊ پينشن الائنس پاران پينشن ۾ 20 سيڪڙو اضافي ۽ رٽائرمينٽ جي موقعي تي گروپ انشورنس جي ادائيگيءَ وارن مطالبن جي مڃتا لاءِ دوڙ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي مرڪزي نائب صدر عبدالنبي گورچاڻي محمد رفيق خانزادو حاجن سومرو علي گوهر لاشاري ذوالفقار ڇٽو محبوب گورچاڻي سڪندر واسواڻو احمد بڙدي عبدالرزاق رند ۽ ٻين چيو تہ سنڌ حڪومت سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن ۽ پينشنر سان ماٽيلي ماء وارو رويو اختيار ڪري سندن جائز مطالبا گروپ انشورنس، بينوئل فنڊ، صحت ڪارڊ، پگھارن ۾ اضافي سميت سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا تي عمل ڪرڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري اسان سراپا احتجاج بڻيل آھيون. پر سنڌ سرڪار سواء دلاسن جي اسانجا جائز مسئلا حل ڪرڻ لاء بہ تيار ناھي. ھنن گھر ڪئي تہ فورن سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن ۽ پينشنرز کي گروپ انشورنس بلوچستان صوبي جيان 2009 کان ڏيڻ سميت رٽائرڊ ملازمن کي مفت علاج جي سھوليت لاء صحت ڪارڊ جاري ڪري ساليانہ بجيٽ ۾ سنڌ ۾ مھنگائي جي حساب سان پگھارن ۽ پينشن ۾ فرق ختم ڪري ھڪجھڙو اضافو ڪري سنڌ جي زندہ رٽائرڊ ملازمن کي بينوئل فنڊ بلوچستان جيان 1987 کان ڏيڻ سان گڏ وزير اعظم پاڪستان جي اعلانيل 2022 جو 10 سيڪڙو پينشن جيڪا ٽن صوبن ۽ وفاقي پينشنرز وانگر سنڌ جي پينشنرز کي بہ 2022 وارو رھيل اضافو ڏيئي رٽائرڊ ملازمن ۽ پينشنرز کي سن ڪوٽا، فوتي ڪوٽا ڏيئي سندن سمورا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ مسئلا حل نہ ٿيڻ جي صورت ۾ 9 فيبروري تي بلاول ھائوس سامهون ڌرڻو هنيو ويندو آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪميٽي ضلع سانگهڙ جي اڳواڻن عبدالرحمان ڀٽي، جاويد انجم، عمر علي جٽ ۽ ٻين جي قيادت ۾ سانگهڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين سنڌ حڪومت طرفان فوتي ڪوٽا جي قانون ۾ تازي ترميم تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو. مظاهرين جو چوڻ هو ته چيف سيڪريٽري سنڌ طرفان 11 ڊسمبر 2025ع تي فوتي ڪوٽا جي رول 11-A ۾ من پسند بنيادن تي ترميم ڪندي رڳو هاءِ ڪورٽ مان ڪيس کٽيندڙن کي اهل قرار ڏيڻ سراسر ناانصافي آهي. هنن چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ ماضي ۾ واضح فيصلا ڏئي چڪيون آهن ته بعد ۾ ايندڙ فيصلا يا نوٽيفڪيشن اڳ ۾ درخواست ڏيندڙن تي لاڳو ناهن ٿيندا، تنهن باوجود سنڌ حڪومت غريب ۽ يتيم ماڻهن کي فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون ڏيڻ کان انڪار ڪري رهي آهي. احتجاجي اڳواڻن جو چوڻ هو ته فوتي ڪوٽا جي قانون رول 11-A ۾ ڪٿي به اها شرط موجود ناهي ته نوڪري رڳو عدالت ذريعي ئي حاصل ڪئي وڃي. غريب ۽ يتيم ماڻهو جيڪي عدالتن ۽ وڪيلن جا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، انهن کي هن بنياد تي فوتي ڪوٽا کان محروم رکڻ سول سروسز ايڪٽ 1973ع جي ڀڃڪڙي ۽ انساني حقن جي ابتڙ آهي. مظاهرين خدشو ظاهر ڪيو ته سنڌ حڪومت طرفان تازين نوڪرين جي اعلانن کان پوءِ فوتي ڪوٽا جي مخصوص سيٺن تي سياسي بنيادن تي ڀرتيون ٿي سگهن ٿيون، جنهن سان اصل حقدار وڌيڪ متاثر ٿيندا. ان موقعي تي اڳواڻن چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي ياد ڏياريو ته 28 مارچ 1974ع تي سنڌ اسيمبلي مان فوتي ڪوٽا جو قانون منظور ڪرايو ويو هو، تنهن ڪري ان تي حقيقي معنيٰ ۾ عمل ڪرائڻ سندس ذميواري آهي. آخر ۾ آل سنڌ فوتي ڪوٽا ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن عبدالرحمان ڀٽي، جاويد انجم، عمر علي جٽ ۽ ٻين وزيراعليٰ سنڌ ۽ چيف سيڪريٽري سنڌ کان پرزور مطالبو ڪيو ته فوتي ڪوٽا جا سمورا پراڻا ڪيس بحال ڪيا وڃن ۽ سڀني متاثر خاندانن کي بنا ڪنهن امتياز جي هڪجهڙو انصاف فراهم ڪيو وڃي.خيرپور ۾ سپا سنڌ پينشنرز الائينس پاران پنهنجي مطالبن جي مڃتاء لاء پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاج ڪيو سپا سنڌ پينشرز الائينس سنڌ طرفان پريس ڪلب خيرپور اڳيان رٽائرڊ ملازمن احتجاجي مظاھرو ڪيو ان موقعي تي مظاھري جي اڳواڻي ڪندڙ پروفيسر عبدالطيف راڄپر , شھبان علي لغاري , بخش علي ڀنڀرو , مومن علي گوپانگ ۽ ٻين چيو ته رٽائرڊ ٿيل ملازمن جا حق ڏنا وڃن بينيل فنڊ , گروپ انشورنس , صحت ڪارڊ سميت ٻيون سھوليتون فراھم ڪيون وڃن ھنن چيو ته رٽائرڊ ملازمن جون 10 سيڪڙو پگھارون به ڏنيو وڃن ھنن ڌيڪ چيو ته رٽائرڊ ٿيل ملازمن جا حق انهن کي ڏنا وڃن ٻئي صورت ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو سنڌ گورنمنٽ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويندو . لاڙڪاڻي ۾ سنڌ پينشرس الائنس جي سڏ تي رٽائرڊ ملازمن پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي نعريبازي پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن منٺار علي جتوئي، محمد صديق ملگاڻي، گل دايو، حميدالله تونيو، عبدالرحمان سپڙيو، غلام مصطفيٰ ڀٽو، سيد اشفاق علي شاهه، اعجاز علي ابڙو، عبدالرحيم ابڙو عبدالڪريم سپڙيو ۽ بين چيو ته اسين سڀ سنڌ جي سرڪاري کاتن جا رٽائرڊ ملازم اهيون،اسين جڏهن نوڪري ۾ هئاسين تڏهن اسان جي پگهار مان گروپ انشورنس ۽ بينيول فنڊ جي مد ۾ ڪجهه رقم ڪاٽي وئي هئي ته جيئن اسان جي گڏ ٿيل رقم ۾ سنڌ سرڪار ڪجهه حصو ملائي اها رقم اسان کي رٽائرمينٽ وقت ڏيندي هاڻي سنڌ سرڪار 32 ارب روپين جي اها رقم اسان کي نه ٿي ڏئي پر ڦٻائي ويٺي آهي. اسان گهر ڪيون ٿا ته بلوچستان صوبي جيان اسان کي به گروپ انشورنس جي رقم 2009ع کان ۽ بينيول فنڊ جي رقم 1987ع کان ڏني وڃيهنن چيو ته 60 سالن جا پوڙها ۽ ضعيف هن وقت ڪيترن ئي بيمارين ۾ وڪوڙيل آهيون ۽ اسان کي علاج جي سخت ضرورت آهي. اسين چاهيون ٿا ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جي رٽائرڊ ملازمن جيان اسان کي به صحت ڪارڊ ڏنو وڃي جين اسين به مناسب علاج ڪرائي سگهون. ان کان سواءِ هر سال مهانگائيءَ جي مناسبت سان پگهارن ۽ پينشن ۾ هڪجيترو اضافو ڪيو وڃي جڏهن ته سال 2002ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم وفاق سميت سڀني صوبن جي ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو اضافو ڪيو هو جيڪو وفاق سميت ٻين ٽن صوبن جي ملازمن کي ته مليو هو پر سنڌسرڪار اسان کي ڊوهه ڪري فقط 5 سيڪڙو پينشن ۾ اضافو ڪيو اسين گهر ٿا ڪيون ته ملڪ جي ٽن صوبن ۽ وفاقي ملازمن وانگر اسان جي پينسن ۾ به رهيل 10 سيڪڙو جو اضافو ڪيو وڇي ته جيئن هڪ ئي وقت ملڪ ۾ ٻن لڳ الڳ قانون هجڻ وارو تاثر ختم ٿي سگهي هنن چيو ته اسين ڪيترن ئي سالن کان ڪراچيءَ کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين پنهنجي حقن لاءِ ٻاڪاريندا رهيا اهيون پر سنڌ سرڪار مختلف وقتن تي اسان سان ڳالهين جا دور هلائي پوءِ لنوائيندي رهي آهي يا اسان کي پوڙهو ۽ ضعيف سمجهي ڪن لاٽار ڪري اسان جي حقن کي نظرانداز ڪيو آهي