ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي يوسي 10 ڀٽائي آباد جي مين بازار ۾ ڪمرشل پلاٽ جي ڀرسان ڪچري جا ڍير پيا آهن، جيڪي هاڻ وڌي اچي سڄي گهٽي تي پکڙجي ويا آهن. گذرڻ لاءِ رستو ئي نه رهيو آهي. ڪچري جي بدبوءِ، غلاظت ۽ گند سان علائقو سخت متاثر آهي.ان جاءِ جي بلڪل ڀرسان اسڪول، پرائيويٽ اسپتال، رھائشي گهر، گوشت ۽ سبزين جا دڪان موجود آهن، جتان روزانو سوين ماڻهو خريداري ڪندا آهن. معصوم ٻار اسڪول ويندي ۽ مريض اسپتال ۾ ايندي اذيتن مان گذرن ٿا.حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ڪچري جي ڍير کان رڳو ڪجهه قدم اڳتي يوسي وائيس چيئرمين جي آفيس به آهي، پر تڏهن به ڪا سنجيده ڪاروائي نه ٿي. مقامي ماڻهن ڪيترائي ڀيرا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين کي شڪايتون ڪيون، پر ڪو نوٽيس نه ورتو ويو.عوام جو وزير بلديات ناصر شاهه ۽ ميئر ڪراچي کان مطالبو آهي ته فوري طور تي يوسي انتظاميا کان وضاحت طلب ڪئي وڃي ۽ مسئلي جو حل ڪرايو وڃي، ٻي صورت ۾ ميونسپل آفيسن آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.
0 تبصرے