جھوڪ واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، گھرن ۽ ملڪيت تي مبينا قبضو

مارئي ماڇي سان عدالت ۾ پرڻو ڪيو هو، جنهن بعد سندس مائٽن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو: سجاد علي سولنگي

جھوڪ واسي پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو دربدر، گھرن ۽ ملڪيت تي مبينا قبضو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ضلعي سجاول جي جھوڪ لڳ ڀڏو اسٽاپ واسي پسند جي شادي ڪندڙ پريمي جوڙو سجاد علي ولد عرس سولنگي ۽ ماروئي ڌيءَ محمد عرس ماڇي ٺٽو جي معزز عدالت مان پسند جو نڪاح ڪرڻ بعد عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تحفظ جي اپيل ڪئي آھي نوجوان سجاد علي سولنگي چيو ته هن ماروئي ماڇي سان مڪمل رضامندي ۽ شريعت محمدي موجب نڪاح ڪيو آهي ڪو گناھ ناھي ڪيو هن الزام هنيو ته شادي بعد گھرواري ماروئي جي مائٽن ڀڏو اسٽاپ لڳ ڳوٺ عثمان ماڇي ۾ موجود سندس گهر ۽ ملڪيت تي زبردستي قبضو ڪري سندس گهر ڀاتين کي غائب ڪري ڇڏيو آهي جن متعلق ھيل تائين ڪابہ ڄاڻ ناھي ته ھو ڪٿي آھن سجاد علي جو چوڻ هو ته مٿس اغوا جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن سبب هو ۽ سندس گهرواري سخت خوف ۽ پريشاني ۾ مبتلا آهن ناري ماروئي ماڇي چيو ته هن سجاد سولنگي سان پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو هن واضح ڪيو ته هوءَ عاقل ۽ بالغ آهي ۽ پنهنجي زندگي بابت فيصلا ڪرڻ جو مڪمل حق رکي ٿي هن الزام هنيو ته شادي بعد سندس ماما انور، محمد رحيم، بابو، محبوب ۽ ابراهيم ماڇي سندن جاني دشمن بڻجي ويا آهن ۽ کين قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جوڙي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول کان مطالبو ڪيو ته مٿن داخل ڪرايل ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن ڄاڻايل بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سندن گهر تان ناجائز قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ کين ڪٽنب سميت مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي