ملير ۾ جسقم شھيد بشير خان طرفان عوامي پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي سالگره ملهائي وئي

جسقم شھيد بشير خان طرفان عوامي پريس ڪلب ۾ تقريب منعقد

ملير ۾ جسقم شھيد بشير خان طرفان عوامي پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي سالگره ملهائي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)جيئي سنڌ قومي محاذ شھيد بشير خان ضلعي ملير جي انتظام هيٺ مرڪزي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي 62هين جنم ڏينهن جي مناسبت سان عوامي پريس ڪلب ملير ۾ شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، ادبي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ جسقم شھيد بشير خان جي مرڪزي خزانچي عزادار چانديو، ضلعي ملير جي آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙ، ڊپٽي آرگنائيزر اڪبر کوکر، فهيم زهراڻي، جساف ملير جي صدر وهاب گبول، سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، شاعر غفور شاهه تقوي، ضمير حاجاڻو، فيض سنڌي، ايس يو پي جي شيراز سولنگي سميت وڏي تعداد ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سڄي ڄمار سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ قومي بقا لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ گذاري آهي. هنن چيو ته سائين جي ايم سيد جي فڪر سان سچائي ۽ شھيد بشير خان قريشي سان جيڪا سياسي وفاداري ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي نڀائي آهي، ان جو مثال تاريخ ۾ مشڪل سان ملي ٿواڳواڻن وڌيڪ چيو ته جسقم شھيد بشير خان جو بهادر سربراهه ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي اڄ به سنڌ جي حقن ۽ وسيلن جي تحفظ لاءِ جدوجهد جي پهرين صفن ۾ سيني سُجايو، اونچي ڳاٽ سان بيٺل آهي تقريب جي پڄاڻيءَ تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ شرڪت ڪندڙن طرفان کيس زبردست ڀيٽا ۽ نيڪ تمنائون پيش ڪيون ويون.