English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ايمپلائيز يونين جو ڌرڻو
122 views
|
25th May 2023
•
سنڌي خبرون
ڪروڙين جي بجيٽ ھوندی اسڪارپ کاتی ۾ ڪو به ڪم نه پيو ڪيو وڃي: اڳواڻ
نوشهروفيروز(ڊر) نوشهروفيروز ۾ اسڪارپ ایمپلاٸیز يونين پاران ميرٽ بدران سياسي ڀرتين ۽ اسڪارپ انجنيئر زرغام راجپر جي ڪرپشن خلاف ڊي سي آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ریلی جی اگوانی اقبال احمد لاڙڪ. خادم حسين۔ مری۔ ساگر يوسف منگي۔ علی نواز سولنگی ۽ ٻين چيو ته ڪروڙين جي بجيٽ ھوندی اسڪارپ کاتی ۾ ڪو به ڪم نه پيو ڪيو وڃي، انجنيئر زرغام راڄپر جعلي ووچر ٺاهي پئسا هڙپ ڪري رهيو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته گذريل ڏينهن ٿيل انٽرويو دوران اميدوارن لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو به بندوبست نه ڪيو ويو ۽ هو سخت گرمي ۾ اس ۾ بيھی انٽرويو ڏيندا رهيا. ملازمن چيو ته انجنيئر زرغام راڄپر حڪومت پاران جوڙيل ڪميٽي کانسواءِ ڪجهه شرپسندن سان گڏجی غير قانوني انٽرويو ورتا آھن اهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا. انجنيئر ۽ ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز شاهزيب شيخ سياسي پنڊتن جی ونگار وھندی ميرٽ بدران سياسي ڀرتيون ڪرڻ چاهين ٿا. ملازمن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪرپٽ انجنيئر زرغام راڄپر کي بدلي ڪري ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وڃن ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ ملازمن پاران ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو. ٻئي طرف ڪمشنر شهيد بينظير آباد احتجاج واري هنڌ پهچي ملازمن سان ملاقات ڪئي ۽ سمورا خدشا دور ڪرڻ جو يقين ڏياريو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
اسڪارپ ایمپلاٸیز
يونين
0 تبصرے