ماجد سڪندر ملاح ۽ ٻيا ٺٽو پوليس هٿان مبينا قتل ٿيل علي بخش ملاح جي تڏي تي پهتا
سجاول (رپورٽر) سنڌ ملاح فورم جي مرڪزي اڳواڻن هفتو اڳ ٺٽو جيل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل قيدي علي بخش ملاح جي قتل جو ڪيس جيل انتظاميه خلاف داخل نه ٿيڻ ۽ سندس وارثن تي تشدد ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جو چتاءُ ڏيئي ڇڏيو , اھڙو اظھار سنڌ ملاح فورم سنڌ جي مرڪزي صدر ماجد سڪندر ملاح مبينا قتل ٿي ويل علي بخش ملاح جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪندي ڪيو آھي ھن وڏيڪ چيو آھي ته هفتو اڳ ڊسٽرڪٽ جيل ٺٽو ۾ قيدي علي بخش ملاح کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪيو ويو ۽ پنهنجي مرضي جي جيل انتظاميه پوسٽ مارٽم رپورٽ تيار ڪري رهي آھي جنهن کي هر فورم تي چئلينج ڪيو ويندو, هنن چيو ته جيلن ۾ قيدي جتي محفوظ نه هجن ۽ ملوث اهلڪارن خلاف احتجاج ڪرڻ تي فوتي قيدي جي بيواھ سميت ٻارڙن کي تشدد جو نشانو بڻايو وڃي اهڙي صورتحال ۾ ڪنهن کان توقه رکجي, هنن جيلن واري صوبائي وزير حاجي علي حسن زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ کان پرزور مطالبو ڪندي چيو آھي ته فوري نوٽيس وٺي قيدي علي بخش ملاح جي قتل معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ۽ کيس تشدد ڪري قتل ڪندڙ اهلڪارن ۽ جيل انتظاميه کي فوري طور معطل ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو پوري سنڌ تائين وڌايو ويندو. ان موقعي تي علي حسن ملاح ' عبدالڪريم ملاح ' محمد اشرف مالاح ' نوب روپائي ملاح ' ڊاڪٽر نوراحمد ملاح ' گلشير ملاح سميت ٻيا پڻ موجود هئا
0 تبصرے