English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي، دادو ۾ نادر جمالي، ٺٽو ۾ علي بخش ملاح، هي لاش پيپلزپارٽي رڳو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڏنا آهن: اياز لطيف پليجي
65 views
|
08th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي ڇڏيو آهي. بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي، دادو ۾ نادر جمالي، ٺٽو ۾ علي بخش ملاح هي لاش پيپلزپارٽي رڳو ٽن چئن ڏينهن ۾ ڏنا آهن.معصوم پريا ڪماري سالن کان اغوا آھي. اغوا ٿيل فضيلا سرڪي کي بہ ظاھر نٿو ڪيو وڃي. يونيورسٽين مان نياڻين جا لاش ملن ٿا. غريب ماڻهن جي زندگي جھنم بنائي وئي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي وڏيراشاهي، سرداري نظام، ڪرپشن، ڏوھن، بدامني لاقانونيت ۽ منشيات جو مرڪز بڻايو ويو آهي. پيپلزپارٽي جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ ۾ آمريت قائم ڪري ڇڏي آهي. سڄي سنڌ پوليس ۽ ڏوهارين جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ کي ترقي بجاء لاشن جا تحفا ڏنا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ڌاڙيلن، منشيات فروشن ۽ ڪرپٽ وزيرن ۽ بي رحم بي حس بيورو ڪريسي جي حوالي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي. اقتدار جي مصلحت خاطر سنڌ کي بحرانن جي دلدل ۾ اڇلايو ويو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ پنھنجي تاريخ جي بدترين ٺڳن جي ور چڙهي وئي آهي، سنڌ جو پاڻي وڃي پيو ، سنڌ جون زمينون وڃن پيون ، سنڌ جو ميرٽ تباھ آهي ، سنڌ ۾ ڏوھ آهن ، بدامني آهي ۽ سنڌ جا ضلعا ڌاڙيلن جي حوالي آھن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
ہرن کھڑکی توڑ کر بینک میں گھس گیا
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
اب انسان کی عمر 150 سال تک پہنچ سکتی ہے
30th Jan 2026
•
دنیا
عالمی سیکیورٹی پر خطرے کی گھنٹی: افغان طالبان دہشت گردی کے مرکز کے طور پر بے نقاب
30th Jan 2026
•
شوبز
جویریہ عباسی نے شوہر کے ساتھ بولڈ فوٹو شوٹ کر کے سوشل میڈیا پر ہنگامہ مچا دیا
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن، پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سستا اٽي جا اسٽال قائم
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻن ڀائرن جو ڀائٽين کان لاتعلقي جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
بدين ۾ ڪيلاش ڪولھي
0 تبصرے