ملير: چشما ڳوٺ يوسي 9 ۾ ترقياتي ڪمن جا واعدا پورا نه ٿيا، علائقي واسين جو احتجاج

رهواسين پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي عهديدارن ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن خلاف احتجاج ڪيو

ملير: چشما  ڳوٺ يوسي 9 ۾ ترقياتي ڪمن جا واعدا پورا نه ٿيا، علائقي واسين جو احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) چشما ڳوٺ، علي محمد خاصخيلي، يوسي 9 ابراهيم حيدري ٽائون جي رهواسين پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي عهديدارن ۽ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن خلاف سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته پارٽي پاران سڄي علائقي ۾ ترقياتي ڪم مڪمل ٿيڻ جا دعوا زميني حقيقتن جي ابتڙ آهن علائقي واسين موجب صرف نالن جون تختيون لڳائي عوام کي گمراهه ۽ بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته عملي طور تي ترقياتي ڪم نه هجڻ جي برابر آهن مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته يوسي 9 چشمو ون ۽ ٽو جي هيٺين ۽ مٿين پٽي ۾ بمشڪل 10 سيڪڙو ڪم ٿيو آهي، جڏهن ته باقي 90 سيڪڙو ڪم اڃا تائين اڌورو پيل آهي۔ خاص طور تي خاصخيلي محلي ۾ پاڻي، سيوريج ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي سخت کوٽ آهي۔ مٿين خاصخيلي جا رهواسي پاڻي ڦڙي لاءِ ترسي رهيا آهن، جڏهن ته سيوريج جا مسئلا به جئن جو تيئن موجود آهن۔علائقي واسين سوال اٿاريو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان پيپلزپارٽي دعويٰ ڪري ٿي ته سڀ ترقياتي ڪم مڪمل ٿي چڪا آهن، ته پوءِ باقي رهيل 90 سيڪڙو ڪم آخر ڪهڙي جماعت ڪرائيندي؟ رهواسين جو چوڻ آهي ته هو ڏهاڪن کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا اچي رهيا آهن، ان جي باوجود کين مسلسل نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔علائقي واسين اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو آهي ته يوسي 9 چشمو ڳوٺ ۾ ترقياتي منصوبن جو نئين سر جائزو وٺي، فوري طور تي پاڻي، سيوريج ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي۔