ملير ۾ زميندار عظيم دھڪان سان يڪجهتي لاء صالح محمد ڳوٺ ۾ ميڙاڪو

شاھراهِ ڀٽو ترقي نه پر تباهيءَ جو منصوبو آهي، جنهن کي عالمي ماحولياتي ادارن ماحول ۽ فطرت دشمن قرار ڏنو: اڳواڻ

ملير ۾ زميندار عظيم دھڪان سان يڪجهتي لاء صالح محمد ڳوٺ ۾  ميڙاڪو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير جي زرعي زمينن تي والار سيد هاشمي ريفرنس لائبريري کي ڊاھڻ خلاف جدوجهد ڪندڙ مزاحمتي ڪردار زميندار عظيم دھڪان سان اظهارِ يڪجهتي لاءِ ملير سوشل فورم طرفان بيت الله باغ صالح محمد ڳوٺ ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، زميندارن ۽ علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ملير سوشل فورم جي اڳواڻن ڊاڪٽر انور لاشار، زميندار عظيم دھڪان راشد صالح ڪلمتي سعيد ڪلمتي عبدالغفار بلوچ، وڏيرو اختر بلوچ عمر بلوچ ۽ ٻين چيو ته ملير ايڪسپريس وي (شاھراهِ ڀٽو) ترقي نه پر تباهيءَ جو منصوبو آهي، جنهن کي عالمي ماحولياتي ادارن پڻ ماحول ۽ فطرت دشمن قرار ڏنو آهي هنن چيو ته منصوبي جي انٽرچينج جي آڙ ۾ مقامي زميندار عظيم ھڪان جي موروثي سروي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ قديم علمي ورثي سيد هاشمي ريفرنس لائبريري کي مسمار ڪيو پيو وڃي، جيڪو ڪنهن به صورت قبول نه ڪيو ويندو مقررین جو چوڻ هو ته شاھراهِ ڀٽو جي نالي تي ملير ندي مان وڏي پيماني تي ريتي ۽ بجري جي چوري ٿي رهي آهي، جنهن سبب زرعي زمينون، باغ ۽ پورو ماحولياتي نظام سخت متاثر ٿي رهيو آهي، پر افسوس جو ملير جا چونڊيل نمائندا ۽ حڪمران هن سموري تباهيءَ تي خاموش آهن ۽ ڀٽو ايڪسپريس وي انتظاميا جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته ڀٽو ايڪسپريس وي سان ملير جي ماڻهن کي ڪو به فائدو نه ملندو، هي رڳو هڪ ڊي ايڇ اي کي ٻئي ڊي ايڇ اي سان ڳنڍڻ جو منصوبو آهي هن منصوبي سبب ڪراچي تي انتهائي منفي ماحولياتي اثر پوندا ملير ندي گٽر نالي ۾ تبديل ٿي ويندي جر کارو ٿي ويندو باقي بچيل باغ ۽ گرين بيلٽ مڪمل طور تباهه ٿي ويندا ملير ريگستان بڻجي پنهنجو فطري حسن وڃائي ويهندو ۽ قديم ڳوٺن ۽ آبادين جو وجود به ميسارجي ويندو آخر ۾ اڳواڻن سخت چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن شاھراهِ ڀٽو جي ملير انٽرچينج سبب عظيم دھڪان جي سروي زمين تي قبضو ڪيو ويو يا سيد هاشمي ريفرنس لائبريري کي مسمار ڪيو ويو ته سخت مزاحمت ڪئي ويندي ۽ هر فورم تي هن ناانصافيءَ خلاف آواز بلند ڪيو ويندو