عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جماعت اصلاح المسلمين برانچ وھروشريف مرڪز جي سال 2026ع لاءِ باڊي جي چونڊ ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي، چونڊ جو عمل جماعت اصلاح المسلمين صوبي سنڌ جي نائب صدر خليفه سڪيلڌو طاهري ۽ صدر ضلع عمرڪوٽ فقير فريد احمد طاهري جي موجودگي ۾ عمل ۾ آيو، چونڊ دوران متفقه طور نئين باڊي جي سليڪشن ڪئي وئي، جنهن موجب حاجي رياض احمد ڪنڀر کي صدر، سلطان احمد ڪنڀر کي نائب صدر، نعمت الله ڪنڀر کي جنرل سيڪريٽري، محمد موسيٰ ڪنڀر کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ محمد ڄام ڪنڀر کي فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو، ان کان علاوه مزمل احمد ڪنڀر پريس سيڪريٽري، مقبول احمد ڪنڀر اطلاعات سيڪريٽري، حاجي احمد علي ڪنڀر لائبرري انچارج ۽ حاجي فاروق احمد ڪنڀر کي آفيس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي اميد ظاهر ڪئي ته هو جماعت اصلاح المسلمين جي منشور مطابق ديني، سماجي ۽ فلاحي سرگرمين کي وڌيڪَ منظم ۽ موثر بڻائيندا ۽ علائقي جي ڀلائي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.
0 تبصرے