عزادارن ۽ نوجوان خاصخيلي اتحاد جي اهتمام هيٺ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي، يا علي عه جا نعرا
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) جشنِ مولودِ ڪعبه جي سلسلي ۾ ولادتِ مولاءِ ڪائنات اميرالمؤمنين حضرت علي ابنِ ابي طالبؑ جي پُرمسرت موقعي تي عزادارن ۽ نوجوان خاصخيلي اتحاد جي اهتمام هيٺ هڪ عظيم الشان ريلي خاصخيلي چوڪ کان رواني ٿي، ريلي جي اڳواڻي عزادارنه حسين ۽ نوجوان خاصخيلي اتحاد جي اڳواڻن امير بخش رحيمداڻي، اسد علي ڀرڳڙي، عالمگير خاصخيلي، سردار سيف الله خاصخيلي، عادل حسين رحيمداڻي، افروز علي خاصخيلي، احسان علي خاصخيلي، سالار حيدر سمون، مهدي کوسو، سجاد علي خاصخيلي، شبير علي ڀرڳڙي ۽ ٻين ڪئي، جڏهن ته وڏي انگ ۾ عزادارانِ حسينؑ ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ريلي دوران فضا نعرءِ تڪبير الله اڪبر، نعرءِ رسالت يارسول الله ۽ نعرءِ حيدري ياعليؑ سان گونجندي رهي، ريلي اڌهيپوري چوڪ پهتي جتي نوجوانن ولادتِ باسعادت جي خوشي ۾ ڀنگڙا وڌا، گلن جون پنکڙيون نڇاور ڪيون ۽ والهانه عقيدت جو اظهار ڪيو، ان کان پوءِ ريلي عائشه مارڪيٽ پهتي جتي شهرين گلن سان شاندار استقبال ڪيو، ريلي مالهي هائوس، موتي چوڪ، پريس ڪلب ۽ الله وارا چوڪ مان ٿيندي واپس خاصخيلي چوڪ پهتي، جتي ولادتِ مولاءِ ڪائناتؑ جي موقعي تي وڏي ڪيڪ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي رسول بخش رحيمداڻي، محمد زمان کوسو، سيد عباس علي شاهه، غلام رسول سمون، آغا ذوالفقار ۽ ٻين معزز شخصيتن ڪيڪ ڪاٽي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ ڪيڪ ورهايو ويو، ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي رسول بخش رحيمداڻي چيو ته ولادتِ مولاءِ ڪائناتؑ رڳو هڪ تاريخي ڏينهن نه پر عدل، بهادري، تقويٰ ۽ انسانيت جي عظيم درس جي ياد ڏيارڻ آهي، حضرت عليؑ پنهنجي سڄي زندگي مظلومن جي حمايت، حق جي سربلندي ۽ باطل خلاف جدوجهد ۾ گذاري، اڄ امتِ مسلمه کي سڀ کان وڌيڪَ ضرورت سیرتِ عليؑ کي عملي زندگي ۾ اپنائڻ جي آهي، هن چيو ته اميرالمؤمنينؑ جي ذات اتحادِ امت جي علامت آهي، اوهانؑ هميشه ڀائپي، رواداري ۽ انصاف کي فروغ ڏنو، جيڪڏهن اسين عليؑ جي اصولن تي هلنداسين ته سماج مان نفرت، فرقيواريت ۽ ناانصافي پاڻمرادو ختم ٿي ويندي، نوجوانن کي گهرجي ته هو حضرت عليؑ جي ڪردار کي مشعلِ راه بڻائين ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن، تقريب جي پڄاڻي تي پاڪستان جي سلامتي، پاڪ فوج جي ڪاميابي، ملڪ جي استحڪام، قومي اتحاد ۽ باهمي ڀائپي جي فروغ لاءِ خاص دعائون گهريون ويون، شرڪت ڪندڙن اهو عزم ظاهر ڪيو ته سیرتِ عليؑ جي روشني ۾ امن، اخوت ۽ اتحاد جو پيغام عام ڪيو ويندو.
0 تبصرے