هڱورجا ۾ باقراڻي واسي ناري جو مڙس سان گڏ چاچي خلاف احتجاج

والدين فوت ٿي چڪا، چاچي شوڪت مشوري 3 مهينا اڳ شادي ڪرائي پر هاڻ ڌار ڪرڻ چاهي ٿو: غنويٰ مشوري

هڱورجا ۾ باقراڻي واسي ناري جو مڙس سان گڏ چاچي خلاف احتجاج

ھڱورجا(رپورٽر)باقراڻي اسٽيشن جي ڳوٺ غازي خان مشوري جي رھواسي ناري جو پنھنجي مڙس سان گڏجي چاچو جي ظلمن خلاف احتجاج . چاچو مون کي منھنجي مڙس کي قتل ڪرڻ چاھي ٿو تحفظ ڏنو وڃي ناري غنوا مشوري جون دانھون . تفصيل موجب باقراڻي اسٽيشن جي ڳوٺ غازي خان مشوري جي رھواسي ناري مسمات غنوا مشوري ھنڱورجا واسي مڙس امتياز جوڻيجو سان گڏ پريس ڪلب پھچي پنھنجي چاچي شوڪت علي مشوري جي ظلمن خلاف احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي منھنجا ماء پيء وفات ڪري ويا آھي منھنجو چاچي شوڪت علي مشوري ٽي مھينا اڳ ھنڱورجا جي ڳوٺ بادل جوڻيجو جي رھواسي امتياز جوڻيجو سان خوشي منھنجو نڪاح ڪرايو آھي مان پنھنجي مڙس سان ھن وقت خوش آھيان پر چاچو ھاڻي وري لالچ ۾ اچي ڪري مون کي پنھنجي مڙس کان ڌار ڪرڻ چاھي ٿو پر مان ڪنھن به صورت ۾ مڙس کي ن ڇڏيندس . چاچو ھاڻي مون کي ۽ منھنجي مڙس کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيو آھي اسان زال مڙس خيرپور جي عدالت ۾ 164 جو بيان ب رڪارڊ ڪرايو آھي ھن چيو ته چاچو شوڪت مشوري منھنجي جان جو دشمن بڻجي ويو آھي مون کي ۽ منھنجي مڙس کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.