گُلشنِ حديد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سنگين بحران، لکين ماڻهو پاڻي کان محروم

ناڪام منصوبا، سرڪاري دير ۽ مبينا لاپرواهي سبب عوام جون تڪليفون وڌي ويون: رهواسي

گُلشنِ حديد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو سنگين بحران، لکين ماڻهو پاڻي کان محروم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گُلشنِ حدید ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد کوٽ جو بحران بدستور جاري آهي، جتي ٽي لک کان وڌيڪ آبادي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان سرڪاري واعدن ۽ ڊگهن ڳالهين جي باوجود بنيادي انساني ضرورت کان محروم آهي. رهواسين موجب پنج مهينا کان وڌيڪ مڪمل طور پاڻي بند آهي ، جنهن سبب شهري زندگي مڪمل طور مفلوج ٿي وئي اهي.ذريعن موجب. اسٽيل ملز انتظاميا سان حڪومتِ سنڌ ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڊگهي عرصي تائين ٿيل ڳالهين باوجود عوام کي اڃا تائين ڪو به عملي رليف نه ملي سگهيو آهي. پاڻي جي فراهمي لاءِ ڇهه ڪروڙ رپين جو منصوبو شروع ڪيو ويو، پر اهو منصوبو ناڪام ثابت ٿيو آهي جنهن بابت نه ذميوارن جو تعين ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪي سڌارا سامهون آيا آهن.مقامي نمائندن جو چوڻ آهي ته مين لائين ۾ والوز لڳائڻ باوجود 141 ڏينهن گذري چڪا آهن، پر اڃا تائين پاڻي جي ورڇ شروع نه ٿي سگهي آهي. ساڳئي طرح 96 ڏينهن اڳ پاڻي کي ٽيسٽنگ ٽينڪي ۾ داخل ڪيو ويو هو، پر گهرن تائين فراهمي اڃا ممڪن نه بڻائي وئي آهي. ان کان سواءِ پاڪستان اسٽيل ملز کي 37 ڏينهن اڳ PMT جي اين او سي جاري ڪئي وئي، پر ان جي باوجود گُلشنِ حدید جا رهواسي پاڻي کان محروم آهن.پاڻي جي کوٽ سبب سنگين انساني مسئلا جنم وٺي چڪا آهن. مقامي ذريعن موجب پاڻي جي تلاش دوران هڪ ٻار جي جان هلي وئي، جڏهن ته محسن نالي نوجوان پاڻي کڻي ايندي ٽرڪ هيٺ اچڻ کان معجزاتي طور بچي ويو. شهرين جو چوڻ آهي ته هي بحران نه صرف سندن صحت پر جان ۽ مال لاءِ به وڏو خطرو بڻجي چڪو آهي.سماجي حلقن موجب صاف پيئڻ جي پاڻي تائين رسائي آئينِ پاڪستان جي آرٽيڪل 9 تحت زندگي جي بنيادي حقن ۾ شامل آهي، جڏهن ته آرٽيڪل 25 شهرين کي برابري جو تحفظ ڏئي ٿو. ٻين علائقن کي پاڻي فراهم ڪرڻ ۽ گُلشنِ حدید کي محروم رکڻ کليل امتيازي سلوڪ آهي، جيڪو آئيني ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي ڀڃڪڙي جي برابر آهي.علائقي واسين ۽ سماجي ڪارڪنن مطالبو ڪيو آهي ته گُلشنِ حدید ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي فوري بحالي يقيني بڻائي وڃي، ڇهه ڪروڙ رپين جي ناڪام منصوبي ۽ دير بابت شفاف جاچ ڪرائي وڃي، پاڻي جي کوٽ سبب جاني ۽ مالي نقصان ڀوڳيندڙ خاندانن کي معاوضو ڏنو وڃي، ۽ مستقبل ۾ اهڙي بحران کان بچڻ لاءِ هڪ مؤثر نگراني نظام قائم ڪيو وڃي.