حيدرآباد (بيورو) سافڪو گروپ طرفان نئين سال 2026 جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سافڪو مائيڪروفنانس ڪمپني، سافڪو سپورٽ فائونڊيشن ۽ سافڪو ويلفيئر جي سماجي ڀلائي ۽ مالياتي خدمتن سميت مختلف شعبن ۾ گروپ جي ڪمن جو جائزو وٺندي نئين سال لاءِ حدفن جو خاڪو پيش ڪيو ويو، جڏهن ته سال 2025 دوران عالمي سطح تي مليل مڃتا تي اطمينان جو اظهر ڪيو ويو. سافڪو پاران نئين سال جي تقريب هيڊ آفيس حيدرآباد ۾ منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ گروپ جي ٽنهي ادارن جي مکيه عملي شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سافڪو گروپ جي باني ۽ سرواڻ سليمان جي ابڙو سڀن کي نئين سال جون مبارڪون ڏيندي چيو ته سافڪو سال 2025ع دوران عالمي سطح تي رونما ٿيندڙ تبديلين کي نطر ۾ سافڪو جديد ٽيڪنالاجيءَ جي استعمال، معاشي سرگرمين کي هٿ وٺرائڻ، عورتن جي معاشي بهتري، زراعت، چوپائي مال ۽ ننڍن ڪاروبارن سان لاڳاپيل ماڻهن جي خوشحالي ۽ روزگار جا وسيلا وڌائڻ لاءِ سافڪو اهڙا قدم کنيا، جنهن تي ملڪي ۽ عالمي سطح جي ادارن پاران ايوارڊن سان نوازيو ويو، اهي ڪاميابيون سمورن ساٿين جي گڏيل ڪوششن ۽ محنتن جو نتيجو آهن. سليمان جي ابڙو چيو ته ڪو به ملڪ هجي يا سماجي ۽ مالي ادارو هجي ان جي ترقي تيستائين ممڪن ناهي، معاشري جي اهم حصي عورت کي موقعا نٿا ڏنا وڃن. هن پاڪستان سميت ڏکڻ ايشيا جي ملڪن ۾ سماجي ۽ معاشي ترقي جو حوالو ڏيندي چيو ته ٻين ملڪن رنڊڪن ۽ چئلينجن کي نظر ۾ رکندي ڪاروبار سميت مختلف شعبن ۾ عورتن کي اڳتي اچڻ جا موقعا ڏنا آهن، پر پاڪستان ان حوالي سان اڃا پٺتي آهي. هن چيو ته بنگلاديش ۾ ڪجهه عرصي دوران حڪومت ڪم ڪندڙ عورتن جي 21 سيڪڙو کي وڌائي 44 سيڪڙو تائين آندو آهي ۽ اهڙي طرح 3.5 ملين عورتون گارمينٽس ۽ ٽيڪسٽائل جي صنعت ۾ ڪم ڪري رهيون آهن. ڍاڪا حڪومت اهڙي پاليسي سافڪو جهڙن ادارن ’گرامين بئنڪ‘ ۽ ’بريڪ‘ جي سفارش تي جوڙي ته گارمينٽس، ٽيڪسٽائل ۽ ٻين سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ ڪم عورتن کي موقعا ۽ سهولتون ڏنيون وينديون. نيپال ۾ سڀ کان گھڻي صلاحيت آهي پر عورتن کي معاضو ڏيڻ ۾ تمام گھٽ آهي، پر ڀارت ۾ مختلف شعبن ۾ 85 سيڪڙو عورتون آهن، جن کي حڪومت مردن جي برابري تي کڻي اچڻ جي رٿابندي ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ به عورتن لاءِ سازگار ماحول جوڙڻ ۽ سماجي تحفظ سميت سموريون سهولتون ڏيڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ حڪومت 2025 ۾ رٿابندي پڻ ڪئي، جنهن تي عمل لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ 350 ملين ڊالر پڻ ڏنا آهن. سليمان جي ابڙو مڪيش انباڻي، سر هينري فورڊ، لي بينگ چل ۽ ٻين شخصيتن جا مثال ڏيندي چيو ته ادارا ٺاهڻ ۽ انهن کي وڌائي دنيا جي ماڻهن کي فائدو پهچائڻ ئي وڏو ڪارنامو ڪرڻ گھرجي، جنهن مان نسلن تائين فائدو پهچي، تڏهن ئي توهان جو علم ۽ عمل ڪارائتو ٿيندو. ان ڪري اسان سافڪو جي سمورن شعبن لاءِ مرحليوار حڪمت عملي جوڙي ان تي عمل ڪنداسين ۽ نوجوانن خاص طور تي عورتن لاءِ روزگار جا موقعا وڌائينداسين. سافڪو مائيڪروفنانس جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سيد سجاد علي شاهه چيو ته چئلينجن کي پائداريءَ سان منهن ڏيڻو پيو، پر ان باوجود سال 2025ع سافڪو جي ٽنهي ادارن لاءِ بهتر ثابت ٿيو آهي، ملڪي سطح جي مختلف فورمن تي مالياتي ۽ ماحولياتي پاليسين لاءِ صلاح مشورن ۾ سافڪو کي اهميت رهي. ناڻي واري وفاقي وزارت هجي يا اسٽيٽ بئنڪ هجي، اتي اسان جي آواز جي ڀرپور ترجماني ٿي. جڏهن ته ان سال اسان عالمي سطح جي مختلف فورمن تي پاڻ کي بهتر نموني مڃايو آهي. ان باوجود ڪجهه چئلينج ضرور پيش آيا، پر اسان چئلينجن کي سدائين موقعن ۾ تبديل ڪندا رهيا آهيون. ان موقعي تي بشير احمد ابڙو، ذيشان ميمڻ، علينا سومرو، هريش ڪمار، رميز اقبال ميمڻ، فلڪ علي، واجد حسين جوڻيجو، حبيب الله خلجي ۽ ٻين پڻ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
0 تبصرے