تيل جي قيمتن ۾ لاٿ يا شعور سان کيڏڻ جو نئون ناٽڪ.!!!!!

غلام مصطفيٰ جمالي

تيل جي قيمتن ۾ لاٿ يا شعور سان کيڏڻ جو نئون ناٽڪ.!!!!!

عوام کي بيوقوف بڻائڻ وفاقي حڪمرانن لاءِ ڪا اوچتي يا عارضي ڳالهه ناهي، پر هڪ منظم، آزموديل ۽ بار بار ورجائجندڙ حڪمت عملي آهي، جنهن تحت هر اهڙي فيصلي کي، جيڪو اصل ۾ عالمي حالتن جي مجبوري هجي، عوام دوست قدم بڻائي پيش ڪيو وڃي ٿو. تيل جي قيمتن ۾ تازِي لاٿ به اهڙي ئي فريبڪاريءَ جو تسلسل آهي. سرڪاري بيانن، اشتهارن ۽ ترجمانن جي واويلا مان ائين محسوس ڪرايو پيو وڃي ڄڻ حڪومت ڪو تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو هجي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هي لاٿ وفاقي دانائي، معاشي ڏاهپ يا عوامي همدردي جو نتيجو نه پر عالمي مارڪيٽ جي دٻاءَ جو سڌو سنئون اثر آهي.گذريل ڏهاڪن ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن جو جائزو وٺڻ سان ئي حقيقت واضح ٿي وڃي ٿي. موجوده وقت ۾ برينٽ خام تيل جو ريٽ لڳ ڀڳ 60 کان 62 آمريڪي ڊالر في برميل آهي. هڪ برميل ۾ 159 ليٽر تيل شامل هوندو آهي، ۽ ڪرنسي جي موجوده شرح موجب 1 آمريڪي ڊالر تقريباً 280 پاڪستاني روپيا جي برابر آهي. انهي حساب سان، عالمي مارڪيٽ جي بنياد تي خام تيل جي قيمت پاڪستان ۾ تقريباً 105 روپيا في ليٽر هئڻ گهرجي.پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان ۾ پمپ تي پيٽرول جي قيمت 263 روپيا في ليٽر تائين آهي، ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت تقريباً 257 روپيا في ليٽر آهي. اهو فرق صرف عالمي قيمت ۽ مقامي پمپ قيمت جو ئي ناهي، پر ان ۾ شامل آهي. پيٽروليم لي وي ۽ ماحولياتي لي وي: .“پيٽرول تي 82 روپيا في ليٽر ۽ ڊيزل تي 78 روپيا في ليٽرڪسٽم ڊيوٽي: پيٽرول ۽ ڊيزل تي 16 کان 17 روپيا في ليٽرآئل ڪمپنين ۽ ڊيلرز جا منافع ۽ تقسيم جا خرچ: تقريباً 17 روپيا في ليٽران مان صاف ظاهر آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سستي قيمت جي باوجود، عوام تي اضافي ٽيڪسن ۽ منافع جو بوجھ وڌائڻ سان مقامي پمپ تي قيمت آسمان سان ڳالهيون ڪري ٿي. عوام کي ٻڌايو وڃي ٿو ته رليف ڏنو ويو آهي، پر حقيقت اها آهي ته رليف اشتهارن ۽ بيانن تائين محدود آهي، ۽ حقيقي بوجھ عوام جي کيسي تي آهي.پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل رڳو ايندھن نه، پر ملڪ جي معيشت جي نبض آهن. ڊيزل مهانگو ٿيندو آهي ته ٽرانسپورٽ مهانگي، سبزيون مهانگيون، اٽو مهانگو، کير مهانگو ۽ روزمره زندگي وڌيڪ ڏکي ٿي وڃي ٿي. جڏهن ڊيزل سستو ٿئي ٿو ته مارڪيٽ ۾ ڪا به حرڪت نظر نٿي اچي. ڀاڙا گهٽجڻ يا کاڌي پيتي جون شيون سستيون ٿيڻ بدران ساڳين قيمتن تي ئي رهنديون آهن.گذريل مالي سالن جو تجزيو ظاهر ڪري ٿو ته وفاقي آمدني جي نظر ۾ تيل هڪ محفوظ خزانو آهي. هر مهيني اربين روپيا پيٽروليم لي وي، ماحولياتي ٽيڪس، ڪسٽم ڊيوٽي ۽ ٻين نالن تحت عوام جي کيسي مان ڪڍيا وڃن ٿا. حڪومت عوام کي رليف ڏيکارڻ لاءِ اشتهارن ۽ سرڪاري بيانن ۾ پروپيگنڊو ڪندي آهي، پر حقيقت اها آهي ته آمدني جي نظر ۾ عوام جو رليف صرف اظهار ۾ آهي.تاريخ پاڻ بيان ڪري ٿي ته حڪومتون عالمي مارڪيٽ جي تغير کي عوام جي شعور سان کيڏي عوام جي برداشت کي آزمائينديون رهيون آهن. هر دفعو تيل جي قيمتن ۾ گھٽتائي باوجود، مقامي قيمتون اهڙي آهستي گھٽيون ويون جو عوام حقيقي رليف کان محروم رهيو. هي پاليسي نه رليف ڏئي ٿي، نه انصاف، ۽ نه ئي حڪمرانن جي سچائي ظاهر ڪري ٿي.پيٽرول ۽ ڊيزل جا فيصلا رڳو عوام لاءِ اقتصادي دٻاءُ نه، پر سياسي طاقت جو مظاهرو به آهن. هر لاٿ کي عوامي جشن ۾ تبديل ڪرڻ جو مقصد واضح آهي: شعور کي دٻائڻ، اعتراض کي گهٽائڻ ۽ حڪمرانن جي لاپرواهيءَ کي لڪائڻ. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي گھٽتائي باوجود پاڪستان ۾ تيل جي قيمت ۾ رليف کي عوامي ڪارنامو بڻائڻ، صرف شعور سان کيڏڻ جو نئون ناٽڪ آهي.جيستائين هي قوم هر سرڪاري اعلان تي خوش ٿيندي رهندي، تيستائين وفاق هر مجبوري کي ڪاميابي، هر ناڪامي کي عالمي سازش، ۽ هر ڦرلٽ کي قومي مفاد جو نالو ڏيندي رهندي. تيل جي قيمتن ۾ لاٿ جو شور دراصل هڪ ناڪام، بي رحم ۽ عوام دشمن معاشي نظام تي پردو وجهڻ جي ڪوشش آهي. تيل سستو هجي يا مهانگو، فائدو هميشه حڪمرانن کي ۽ نقصان هميشه عوام کي ٿيندو ــ جيستائين شعور جا ڏيئا روشن نه ٿيندا.عوام کي يقين ڏياري ٿو وڃي ته حڪومت عوام دوست آهي، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو آهي، پر وفاق عوام تي ٽيڪسن ۽ منافع جا ڀاري بوجھ وجهي رهيو آهي. هر مهيني اربين روپيا عوام جي کيسي مان نڪرن ٿا، ۽ حقيقي رليف عوام تائين پهچڻ بدران اشتهارن ۽ پروپيگنڊو ۾ ضايع ٿي وڃي ٿو.هي قوم شايد وساري ويٺي آهي ته جڏهن تيل مهانگو ڪيو ويندو آهي ته اثر فوري، سخت ۽ بي رحم هوندو آهي، ۽ جڏهن سستو ڪيو ويندو آهي ته فائدو فائلن ۽ بيانن ۾ دفن ٿي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو تيل جي قيمتن ۾ لاٿ خوشي جو نه، پر سوال ڪرڻ جو موقعو هجڻ گهرجي. سوال اهو ته عالمي منڊي ۾ تيل سستو هجڻ باوجود پاڪستان ۾ ايترو مهانگو ڇو آهي؟ پيٽروليم لي وي ڇو ختم نٿي ڪئي وڃي؟ ڊيزل تي ڳرا ٽيڪس ڇو برقرار آهن؟ زرعي شعبي کي هر ڀيري قرباني جو ٻڪرو ڇو بڻايو وڃي ٿو؟حڪومت ۽ وفاقي ادارا عوام کي بتائن ٿا ته فيصلا سڀ عالمي حالتن سبب ٿين ٿا، جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هر بار اهو رليف عوامي جذبات کي قابو ۾ آڻڻ لاءِ رليز ڪيو وڃي ٿو. عوام خوش ٿي وڃي ٿو، سرڪاري اعلانن تي ڀروسو ڪري ٿو، پر اصل ۾ اها خوشي ڪا حقيقت نه، پر سياسي ۽ معاشي نڪميءَ جو عڪس آهي.پيٽرول ۽ ڊيزل جا فيصلا رڳو عوام لاءِ دٻاءُ نه، پر سياسي طاقت جو مظاهرو آهن. هر لاٿ کي عوامي جشن ۾ تبديل ڪرڻ جو مقصد واضح آهي: شعور کي دٻائڻ، اعتراض کي گهٽائڻ ۽ حڪمرانن جي لاپرواهيءَ کي لڪائڻ. عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن جي گھٽتائي باوجود پاڪستان ۾ تيل جي قيمت ۾ رليف کي عوامي ڪارنامو بڻائڻ، صرف شعور سان کيڏڻ جو نئون ناٽڪ آهي.جيستائين هيءَ قوم هر سرڪاري اعلان تي خوش ٿيندي رهندي، تيستائين وفاق هر مجبوري کي ڪاميابي، هر ناڪامي کي عالمي سازش، ۽ هر ڦرلٽ کي قومي مفاد جو نالو ڏيندي رهندي.