جماعت اصلاح المسلمين برانچ راڻيپور سٽي ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻيپور طرفان سيدنا حضرت علي عه جو يوم ولادت ملهايو ويو

ان موقعي تي برانچن جي سليڪشن پڻ ڪئي وئي

جماعت اصلاح المسلمين برانچ راڻيپور سٽي ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻيپور طرفان سيدنا حضرت علي عه جو يوم ولادت ملهايو ويو

خيرپور (رپورٽر) جماعت اصلاح المسلمين برانچ راڻي پورسٽي ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻي پور طرفان سيدنا حضرت علي عه جو يوم ولادت ملهايو ويو ۽ برانچن جي سليڪشن پڻ ڪئي وئي. رپورٽ موجب راڻي پور ۾ جماعت اصلاح المسلمين برانچ سٽي راڻي پور ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻي پور طرفان حضرت علي رضه جن جي يوم ولادت جي سلسلي ۾ هڪ تقريب ٿي گذري جنهن ۾ قرآن ڪريم جا ختم شريف پڙهي ڪري ايثال ثواب ڪيو ويو. تقريب کي خطاب ڪندي خليفه مولانه عبدالقادر طاهري صاحب جن فرمايو ته سڀ کان پهريان ٻارن ۾ ايمان آڻڻ وارو ۽ آنحضرت ﷺ جن جي تصديق ڪندڙ خليفه چارم حضرت علي رضه آهن. پاڻ پنهنجي سڄي دولت پنهنجي آقا جي مٿان قربان ڪئي، پاڻ سفر ، حضر ۽ هر جنگ جي موقعي تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جا رفيق ۽ ساٿي رهيا. ان بعد جماعت اصلاح المسلمين برانچ سٽي راڻي پور ۽ برانچ طاهري مرڪز راڻي پور جي سال 2026 جي لاءِ سليڪشن ڪئي وئي جنهن ۾ برانچ سٽي راڻي پور جا چونڊيل عهديدار برائي سال 2026:صدر: محترم جناب حافظ امير بخش طاھري، نائب صدر: محترم جناب رحيم بخش راڄپر طاهري، جنرل سيڪريٽري: محترم جناب فراز احمد موجائي طاھري، جوائنٽ سيڪريٽري: محترم جناب اظهر علي سرڪي طاھري، پريس سيڪريٽري :محترم جناب محمد ايوب شر طاھري، فناس سيڪريٽري: محترم جناب منير احمد ميمڻ طاھري، آفيس سيڪريٽري: محترم جناب عبدالغفور موجائي طاھري، اطلاعات سيڪريٽري: محترم جناب علي حيدر راڄپر طاھري، لائبريرين: محترم جناب جان محمد جوڻيجو طاهري، معاون صدر: محترم جناب حضور بخش راڄپر طاهري، جنرل سيڪريٽري فراز احمد موجائي طاهري چونڊيا ويي ۽ آخر۾ ملڪ پاڪستان جي ترقيءَ ۽ سلامتي لاءِ دعا ڪئي وئي.