سنڌي ادب جو روشن ڏيئو پروفيسر ابراهيم لاشاري

عليزا ابراھيم لاشاري

سنڌ جي تعليمي ۽ ادب جي دنيا ، سماجي فضا ۾ ڪجھ نالا اهڙا آهن، جيڪي خاموشي سان پنهنجو ڪم ڪندا رهن ٿا، بغير ڪنهن ڏيکاءَ يا شهرت جي خواهش جي. اهڙين شخصيتن مان هڪ نالو پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جو آهي، جيڪو وارھ تعلقي جي ڳوٺ ميد شھيد جي معتبر شخصيت حاجي ڦوٽو لاشاري جي گھر خميس ڏينهن 1976ع ڌاري پيدا ٿيو جتان ھن قابليت واري شخصيت پنھنجي زندگي جو سفر شروع ڪيو تنھن بعد ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ميد شھيد مان حاصل ڪندي ڪندي سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪندي تعليمي شعبي سان تعلق جوڙيس پاڻ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري پھريان سنڌي ادب ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو بعد ۾ ترقي مليس ته گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تقريري ٿيس جتي منھنجو فرض احسن نموني سان سرانجام ڏيندو رهيو آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين قائم آهي سنڌ جي ھن قابليت واري شخصيت ڪالم نگار، نثر نويس، تعليم دوست وارھ ان جي ڀرپاسي ۾ هڪ سنجيده، بااصول ۽ تعليم دوست استاد طور سڃاتو وڃي ٿو۔ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جو واسطو هڪ اهڙي گهراڻي سان رهيو آهي، جتي علم، اخلاق ۽ سادگيءَ کي اهميت ڏني ويندي رهي آهي. سندس والد هڪ سادو ۽ محنتي انسان رهيو، جنهن پنهنجي اولاد جي تربيت ۾ سچائي، ايمانداري ۽ علم سان محبت جا قدر منتقل ڪيا. انهن ئي قدرن پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جي شخصيت کي شڪل ڏني۔ تعليم جي حوالي سان پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري هڪ ڊگهو ۽ محنت ڀريو سفر طئي ڪيو. هن بنيادي تعليم کان وٺي اعليٰ تعليم تائين هر مرحلي ۾ جاکوڙ، لگن ۽ مستقل مزاجيءَ جو مظاهرو ڪيو. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ هن شعوري طور تدريس جي شعبي کي چونڊيو، ڇاڪاڻ⁠تہ سندس ويچار موجب قومن جي تعمير جو سڀ کان مضبوط ذريعو تعليم آهي استاد جي حيثيت سان پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جو انداز روايتي کان مختلف رهيو آهي. هو شاگردن کي رڳو نصابي علم تائين محدود نه رکندو آهي، پر کين سوال ڪرڻ، سوچڻ ۽ سماج کي سمجهڻ جي ترغيب ڏيندو رهيو آهي. سندس نظر ۾ تعليم جو اصل مقصد باشعور، ذميوار ۽ سٺا انسان پيدا ڪرڻ آهي، نه رڳو امتحان پاس ڪرڻ پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري تعليم سان گڏ سماجي معاملن تي به گهري نظر رکي ٿو. هو گفتگو ۽ لکڻين وسيلي نوجوانن کي شعور، برداشت ۽ علمي سوچ ڏانهن آڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. هو انتهاپسندي، جهالت ۽ عدم برداشت کي سماج لاءِ خطرناڪ سمجهي ٿو ۽ علم کي انهن سڀني مسئلن جو حل قرار ڏئي ٿو وارھ شھر ۾ سندس سڃاڻپ هڪ اهڙي استاد طور آهي، جيڪو شهرت کان پري رهي پنهنجو ڪم ايمانداري سان ڪندو رهيو آهي. شاگرد، ساٿي استاد ۽ عام ماڻهو کيس عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا، ڇاڪاڻ تہ سندس ڳالهه ۽ عمل ۾ تضاد نظر نٿو اچي اڄ جڏهن تعليمي قدر گهٽجڻ لڳا آهن ۽ استاد جو ڪردار دٻجي رهيو آهي، تڏهن پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري جهڙيون شخصيتون اميد جي علامت آهن. اهڙا ماڻهو سماج جو اصل سرمايو هوندا آهن، جن جي موجودگي سان علم جو ڏيئو روشن رهي ٿو ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجي زنده تعليمي شخصيتن کي سندن حياتيءَ ۾ ئي سڃاڻون، عزت ڏيون ۽ سندن تجربن مان فائدو حاصل ڪريون. پروفيسر محمد ابراهيم لاشاري به اهڙي ئي هڪ شخصيت آهي، جنهن جو ڪردار تعليم جي ميدان ۾ خاموش پر اثرائتو رهيو آهي سنڌ جي ھن قابليت واري شخصيت ڪالم نگار ، تعليم دوست جي پھرين جنوري سالگره جو ڏينهن آهي آء ھن جاکوڙي اديب، ليکڪ، نثر نويس کي جنم ڏينهن کوڙ ساريون واڌايون پيش ڪريان ٿي ان اميد سان ته ھميشہ سنڌي ادب جي خدمت ڪندو رھندو-