انڊس هاءِ وي تي حادثي ۾ 50ورهين جي رفيقا خاتون فوت ۽ عبدالجبار جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو
لاڙڪاڻو (بيورو) لاڙڪاڻي ڀرسان انڊس هاءِ وي تي روڊ حادثو عورت فوت نوجوان زخمي، شهر ڀرسان انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 50 ورهين جي رفيقا خاتون سندس ڏير جو پٽ عبدالجبار جاگيراڻي سخت زخمي ٿي پيو زخمين کي حد جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو جتي پيرسن عورت رفيقا زخمن جي سٽ نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو زخمي عبدالجبار جاگيراڻي جو علاج هلندڙ آهي ان حوالي سان فوتي عورت جي مڙس علي داد جاگيراڻي جو چوڻ هو ته گهر واري رفيقا ڀائٽي سان گڏ ڳوٺ رتوڪوت کان علاج لاءِ اچي رهي ته موٽر سائيڪل کي پويان ٽرڪ جو ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ اهڙو حادثو پيش آيو آهي ٻئي طرف اسپتال انتظاميه ضروري ڪارروائي بعد فوتي عورت جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جنھن جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو هوڏانهن حد جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته تيز رفتار ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ عورت فوت ٿي وئي آهي ڊائيور موقعي تان فرار ٿي ويو ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو
0 تبصرے