جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ جي ضلع باڊي 2026ع لاءِ چونڊ مڪمل

فريد احمد ڪنڀار طاهري کي صدر، محمد عالم طاهري کي سينئر نائب صدر چونڊيو ويو

جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ جي ضلع باڊي 2026ع لاءِ چونڊ مڪمل

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ جي ضلع باڊي سال 2026ع جي چونڊ عمل ۾ آندي وئي، جنهن ۾ جماعت جي صوبائي قيادت جي موجودگيءَ ۾ نئين ضلع باڊي جو اعلان ڪيو ويو، چونڊ اجلاس ۾ جماعت اصلاح المسلمين جي صوبائي قائدين قبله خليفه سڪيلڌو طاهري، قبله خليفه غضنفر علي جوکيو طاهري سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران اتفاق راءِ سان نئين ضلع باڊي چونڊي وئي، چونڊيل عهديدارن ۾ فريد احمد ڪنڀار طاهري کي صدر، محمد عالم طاهري کي سينئر نائب صدر، مولانا محمد عنصر طاهري کي نائب صدر، محمد صديق طاهري کي جنرل سيڪريٽري، محمد نعمان طاهري کي جوائنٽ سيڪريٽري، منظور علي طاهري کي پريس سيڪريٽري، رضوان احمد طاهري کي فنانس سيڪريٽري، مير محمد طاهري کي آڊيٽر، شهاب الدين طاهري کي آفيس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، ان کان علاوه عمر فاروق طاهري کي معاون صدر، اسد عالم طاهري کي معاون جنرل سيڪريٽري ۽ محمد ڄام طاهري کي معاون فنانس سيڪريٽري چونڊيو ويو، ان موقعي تي صوبائي اڳواڻن نئين چونڊيل باڊي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته نئين قيادت جماعت جي تنظيمي سرگرمين کي وڌيڪَ فعال بڻائيندي.