English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ويم دوران عورت ۽ ٻار فوت، وارثن جا ڊاڪٽرياڻي تي الزام
328 views
|
06th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر صنوبو ڪنڀر ۽ اسپتال جي عملي جي غفلت سبب 2 انساني جانيون ضايع ٿي ويون: وارث
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ شهر جي ٿر بازار ويجهو عبداللّه ميڊيڪل سينٽر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ويم دوران مسمات رحمت زال رمضان نهڙي، رهواسڻ ڳوٺ ڪانڪيو تعلقه ڇاڇرو، پنهنجي نئين ڄاول ٻار سميت فوت ٿي وئي، وارثن ڊاڪٽر صنوبر ڪنڀر ۽ اسپتال عملي تي سنگين الزام لڳائيندي چيو آهي ته انهن جي غفلت ۽ لاپرواهي سبب ماءُ ۽ ٻار ٻئي حياتي وڃائي ويٺا، وارثن موجب اسان صبح ڏهين وڳي مسمات رحمت کي سول اسپتال عمرڪوٽ وٺي وياسين، جتي ڊاڪٽر صنوبر چيو ته مريضه کي منهنجي پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽر عبداللّه سينٽر وٺي وڃو، اتي نارمل ڊليوري ٿي ويندي، وارثن جو چوڻ آهي ته سڄي رات انتظار ڪرائڻ بعد اسان کي ٻن لاشن جي صورت ۾ نتيجو ڏنو ويو، هڪ نئين ڄاول ٻارڙي جو ۽ ٻيو اسان جي عورت جو، غمزده وارثن اسپتال ٻاهران لاش رکي سخت احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، انهن جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر صنوبر ڪنڀر جي سنگين غفلت سبب ٻن قيمتي جانين جو نقصان ٿيو، وارثن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر صنوبر ۽ ملوث عملي خلاف فوري طور ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي ۽ انصاف فراهم ڪيو وڃي، اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته مريضه جي پيٽ ۾ ٻار اڳ ۾ ئي فوت ٿي چڪو هو، ڪيس خطرناڪ نوعيت جو هو، ۽ اسان وارثن کي ان بابت آگاهه ڪيو هو، باقي الزام بي بنياد آهن، شهرين ۽ سماجي تنظيمن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر صنوبر ڪنڀر جي نگراني ۾ هلندڙ هي اسپتال، جنهن کي عوام ۾ "قوس گهر" جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، هميشه تڪراري معاملن ۾ گهريل رهيو آهي، الزام آهي ته هتي نارمل ڊليوري بدران هميشه آپريشن ڪيا وڃن ٿا، جنهن سبب ڪيترين عورتن ۽ ٻارن جون زندگيون ختم ٿي ويون آهن، ذريعن موجب، ماضي ۾ به ڊاڪٽر صنوبر ڪنڀر خلاف شڪايتون ۽ موت جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿي چڪا آهن، پر هر ڀيري سياسي سهائتا سبب ڪا به ڪارروائي نه ٿي سگهي، شهرين جو چوڻ آهي ته هي صورتحال صحت کاتي ۽ ضلعي انتظاميه لاءِ وڏو سوال آهي، شهرين چيو ته ڊاڪٽر صنوبر ۽ سندن اسپتال عمرڪوٽ لاءِ شرمندگي جو باعث بڻجي چڪا آهن، هي ادارن تي هڪ ڪارو داغ آهن، جن خلاف اڃان تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي، عوام مطالبو ڪيو ته اسپتال کي فوري طور بند ڪيو وڃي ۽ مڪمل شفاف جانچ ڪري ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ويم دوران
عمرڪوٽ
edhi ambulance
0 تبصرے