ٺٽو: درگاھ ستيون ۽ حضرت شاھ جھنڊو رح جو ساليانو عرس مبارڪ 11نومبر کان شروع ٿيندو

ٺٽو: درگاھ ستيون ۽ حضرت شاھ جھنڊو رح جو ساليانو عرس مبارڪ 11نومبر کان شروع ٿيندو

ٺٽو(ڊر) حضرت درگاھ ستيون ۽ حضرت شاھ جھنڊو رح جن جو ساليانو عرس مبارڪ ميلو تاريخ 11 ۽ 12 نومبر بمطابق 19 ۽ 20 جمادي الاول اڱاري ۽ اربعہ تي ٺٽي شھر کان 5 ڪلوميٽر اتر طرف درگاھ ستين جي آخري آرام گاھ تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھايو پيو وڃي، جنھن ۾ مختلف ورائٽي پروگرامن سان گڏ ملھ ملاکڙو شيدو خليفو، محمد عيسيٰ صابرو، عابد حسين سرڪي، سارنگ ملاح، زاھد ايوب ملاح، شھباز علي شيخ، اياز علي شيخ، محمد سليم سومرو، سونو سارنگ ملاح جي نگراني ۾ لڳايو ويندو، جنھن ۾ اتر ۽ لاڙ جا ملھ پھلوان زور آزمائي ڪندا، ميلي جا مھمان خاص خاص صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي، وڏيرو رسول بخش جاکرو، ضلعي ڪائونسل ٺٽي جو چيئرمين عبدالحميد پنھور، ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جو چيئرمين ادا محمد ميمڻ، ڀورو سرڪي، وڏيرو حمير سرڪي، غلامي ھنڱورو، علي شير بروھي، جھانگير پالاري، نور حسين سرڪي، ابراھيم سرڪي، خدابخش بڪڪ، وڏيرو بشير ٻيليچو، ساگر موسيٰ، سارنگ موسيٰ، جان محمد ٻيليچو، حفيظ خليفو، واحد سرڪي، مولابخش پالاري، پريس ڪلب ٺٽي جو صدر صحافي اقبال جاکرو، صحافي محمد ايوب ملاح FM 92 ريڊيو، حاجي سرور بروھي، صاحبڏنو ملاح، ڊالو ديوان گڏاپ، رميش ڪمار، سيٺ ديوان لالو مل، ربڏنو ٻيليچو، نور محمد ميربحر جھمپير جن ھوندا. اھڙي پڌرائي ميلا انتظاميہ ڪميٽي درگاھ ستيون جي اڳواڻن محمد انور خليفو، حاجي خان خليفو، لطيف، نواز علي، سليم خليفو، الھڏنو، سرور خليفو، اقبال خليفو، مقبول خليفو، نويد خليفو، پوڙھو عرف يارو محمد خليفو، پرويز احمد، گل سمون، فضل احمد، احمد خليفو، فياض علي، علي رضا، قربان علي، محمد علي خليفو جن پاران ڪئي ويئي آھي، ھنن چيو تہ درگاھ تي چادر 19 جمادي الاول اڱاري جي شام اربعہ جي رات مغرب نماز کانپوء چاڙھي ويندي. جنھن ۾ ملھ ملاکڙو 11 نومبر تي شام جو ۽ 12 نومبر تي صبح جو ٿيندو.