English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
27ھين آئيني ترميم سنڌ لاءِ نوان ڪئنالن ۽ ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي: زينت سمون
views
|
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌياڻي تحريڪ جا ٺٽي ۽ کورواهه ۾ اجلاس، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مظهر راهوجو جي به شرڪت
ٺٽو/کورواھ(رپورٽر)قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو ئي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون جو ٺٽو ۽ کورواھ ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي اجلاس مان شرڪت ڪئي. سنڌياڻي تحريڪ ضلعي ٺٽي جو اجلاس سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون جي صدارت هيٺ ٿيو اجلاس ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو تہ ٺٽي ضلعي اندر سنڌياڻي تحريڪ جا نوان يونٽ کوليا ويندا سنڌياڻي تحريڪ ٺٽي ضلعي باڊي ٽوڙي نئين آرگنائيزنگ ڪميٽي جوڙي ويئي آرگنائيزر زھرا جاکرو، جنرل سيڪريٽري عظيما پليجو ۽ ميڊيا سيڪريٽري شمائلا ملاح کي چونڊيو ويو. کورواھ ڀرسان ڳوٺ يوسف لاشاري ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو اجلاس ٿي گذريو. ان موقعي تي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون اجلاسن کي خطاب ڪندي چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم نوان ڪئنالن ۽ ڪالاباغ ڊيم کان بہ وڌيڪ سنڌ لاءِ خطرناڪ آهي سنڌ کي پاڪستان نہ ٺاھيو ھو پر سنڌ پاڪستان کي ٺاھيو ھو.اھڙي ڪا بہ ترميم قبول نہ ڪئي ويندي سنڌ جي وحدت تي حملي آور ھجي. زينت سمون چيو تہ سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪندڙ نفرت پکيڙي رهيا آهن. نفرت جي سياست کي پاڪستان جو محب وطن عوام رد ڪري ڇڏيو۔ سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالھ ڪندڙ ملڪ جا غدار آهن، اهي را ۽ عالمي سامراجي طاقتن جي هدايتن تي پاڪستان کي ڊي اسٽيبلائيز ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن جيڪي سنڌ ۾ نون صوبن جون ناپاڪ سازشون ۽ دانهون ڪري رهيا آهن اهي ملڪ جا سنڌ جا ۽ عوام جا سڄڻ نٿا ٿي سگهن. عالمي سامراجي اسٽيبلشمينٽ پاڪستان کي ٽوڙڻ چاهي ٿي ۽ نئون اسرائيل بنائي هن خطي کي جنگ جي باھ ۾ اڇلائي چاهي ٿي نون صوبن جي ڳالھ ڪندڙ ان عالمي سامراجي منصوبي تي ڪم ڪري رهيا آهن. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو خطاب ڪندي چيو تہ 27 آئيني ترميم جي آڙ ۾ سنڌ جي وحدت خلاف ڪا بہ سازش برداشت نہ ڪئي ويندي. نواز ليگ ۽ وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي کي مينيج ڪري ان خوشفهمي ۾ نہ رھي تہ سنڌ جا 7 ڪروڙ ماڻھو وحدت خلاف 27 ھين آئيني ترميم کي قبول ڪندا. سنڌ ھزارين سالن کان سنڌين جو تاريخي وطن آھي. ڪرپٽ حڪمران سمجھي ڇڏين تہ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ پنھنجي مرضي سان نہ رڳو پاڪستان ۾ شامل ٿي ھئي پر پاڪستان جي لاءِ سڀ کان پھرين قرارداد پاس ڪئي ھئي. سنڌ جي ڌرتي ماءُ جيئن مقدس آھي ان خلاف سازش دراصل ملڪ خلاف سازش آھي. پاڪستان اڳ ۾ ئي سنگين سياسي ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آھي. مظھر راھوجو چيو تہ پاڪستان ۾ بحرانن جو ڪارڻ خراب حڪمراني آھي. آزاد ۽ شفاف اليڪشن نہ ٿيڻ آھي. ھر پنج سالن کانپوء اقتدار پليٽ ۾ سجائي من پسند ڌر حوالي ڪيو وڃي ٿو. ھن وقت تائين آيل سموريون حڪومتون ڪرپشن، بدعنواني، لٽمار، عوام دشمن پاليسين ۾ ھڪٻئي جو تسلسل ثابت ٿيون آھن. ھر ڀيري حڪومتون بدلايون وڃن ٿيون پر نظام ساڳيو ئي رھي ٿو. جنھنڪري پاڪستان مسلسل بحرانن جو شڪار آھي ان جو حل پاڪستان کي ٽڪرن ۾ ورھائڻ، سنڌ کي انتظامي يونٽن جي نالي ۾ عالمي سامراجي طاقتن جي ايجنڊا تحت ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ ھرگز ناھي ۽ نہ ئي سنڌ جا ماڻھو اھڙي مڪروح سازش کي ڪامياب ٿيڻ ڏيندا. مظھر راھوجو چيو تہ ملڪ کي برابري، رواداري ۽ شفافيت سان ھلائي سگھجي ٿو. انتظامي يونٽن جو فارمولو نہ رڳو احمقاني حرڪت ٿيندي پر ملڪ خلاف سازش ٿيندي. انڪري ملڪ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن. بلوچستان جي صورتحال تشويشناڪ آھي. خيبرپختونخواھ جا ماڻھو بہ ناراض آھن. سنڌ کي ديوار سان لڳايو ويو تہ ان جا انتھائي ڀيانڪ نتيجا نڪرندا ۽ سنڌي ماڻھو خاموش نہ ويهندا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Nov 2025
•
کھیل
آئی سی سی نے حارث رؤف پر 2 میچز کی پابندی عائد کر دی
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی کی شمولیت کے بغیر آئینی ترمیم ممکن نہیں: طلال چوہدری
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
27ویں آئینی ترمیمی بل 7 نومبر کو سینیٹ اجلاس میں پیش کیا جائے گا، آرٹیکل 243 میں ترمیم متوقع
04th Nov 2025
•
تازہ ترین
آئین ملک کا مقدس دستاویز ہے، پتھر پر لکیر نہیں، ترامیم کا عمل جاری رہے گا: رانا ثناء اللہ
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ ڊمپر جي ٽڪر سان موٽر سائيڪل سوار هڪ نوجوان فوت، ٻيو زخمي
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گهگهر ۾ آل زهراڻي جت ويلفيئر آرگنائيزيشن جي گڏجاڻي, آئين ٺاهڻ ۽ برادري کي گڏ ڪرڻ لاءِ ست رڪني ڪميٽي قائم
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير پوليس پاران ڏوهارين خلاف ڪارروائيون جاري, ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو ڪارڪردگي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي
04th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ ايف آءِ اي جي ڇاپن بعد بي آءِ ايس پي سينٽر ٻن ڏينهن کان بند پيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
زينت سمون
27ھين آئيني ترميم سنڌ لاءِ
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے