عادل الطاف انڙ صحافي زبير زرار منگي سان ڀيڻ ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران ضمير منگي سان پڦي جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪئي
ڏوڪري(اطهر ميمڻ) پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ چيو آھي ته پ پ ملڪ ۾ جمھوريت ۽ عوام جي بنيادي حقن تي ڪڏھن به سوديبازي نه ڪئي آھي، عوام کي اجھو، اٽو، لٽو ۽ روزگار مھيا ڪرڻ اولين ترجيح آهي. پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ پاران ڏوڪري پريس ڪلب جي سرپرست اعلي زبير زرار منگي جي ڀيڻ ۽ اسسٽنٽ مختيارڪار ڪامران ضمير منگي جي پڦي جي لاڏاڻي تي تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت عوام کي گھر ٺاھڻ، ڀاڻ ۽ ٻج فراھم ڪرڻ سميت ھاري ڪارڊ جاري ڪري غريب طبقي کي پنھنجي پيرن تي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. ھن چيو ته صوبن کي مالي خودمختياري ڏيڻ پ پ جو عظيم ڪارنامو آھي، پ پ جمھوريت لاءِ قربانيون ڏئي ملڪ کي ترقي جي راھ تي آندو آھي. ٻئي طرف پ پ ايم پي اي عادل الطاف انڙ پاران مختلف برادرين جي ماڻهن سان سندن پيارن جي وڇوڙي تي تعزيتون پڻ ڪيو. ان موقعي تي ٽائون چيئرمين عبدالحميد جيسر، مير شڪيل بروھي، ذوالفقار جتوئي، زوھيب جتوئي، سيف الله سومرو، عبدالقدير جيسر، حبيب الله کوکر، محراب خاصخيلي ۽ ٻيا پڻ گڏ ھئا.
0 تبصرے