استاد سان گڏ ماءُ وارو احساس به، سنڌ جي ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي جي نياڻي ٻارڙن کي تعليم سان گڏ سندن علاج به ڪرائڻ لڳي..!!

استاد سان گڏ ماءُ وارو احساس به، سنڌ جي ناليواري راڳي عاشق نظاماڻي جي نياڻي ٻارڙن کي تعليم سان گڏ سندن علاج به ڪرائڻ لڳي..!!

لاڙڪاڻو واسڻ سنڌ جي مشھور راڳي عاشق نظاماڻيء جي نياڻي ھونھار انگريزي ماسترياڻي مھوش راڻي جتي پنھنجي اسڪول جي ٻارن کي پڙھائڻ سان گڏ سندن علاج پڻ ڪرائڻ لڳي انسانيت جو احساس رکندڙ ۽ روحاني والدين جو حق ادا ڪندڙ نھايت ئي محنتي ماسترياڻي مھوش پاران پنھنجي ڪلاس جي تعليم سان چاھ رکندڙ سورنھن سالا شاگرد منصور علي پٽ غلام محمد سولنگيء جو پٿريء جو آپريشن پنھنجي ھڙان وڙان ڪرائي تعليم دوست ۽ انسانيت جو درد رکڻ جو ثبوت ڏنو آھي لاڙڪاڻو جي تعلقي باقراڻيء جي فريد آباد بوائز ھاء اسڪول ۾ ڏھين ڪلاس جي ٽيچر نوجوان نياڻي مھوش ٻڌايو ته مونکي انسانيت سان تمام گھڻي محبت آھي استاد پنھنجي شاگردن جا روحاني والدين ھوندا آھن جڏھن ته سندن ذھني تربيب ڪرڻ سان گڏ سندن جسماني صحت جي سار سنڀال لھڻ به استاد جي ذميواري آھي الله پاڪ جي رضا خاطر غربت سبب بھتر نموني علاج نه ڪرائي سگھندڙ پنھنجي ڪلاس جي ھڪ محنتي ۽ علم سان چاھ رکندڙ شاگرد منصور عليء جو پٿريء جو آپريشن ڪرايو آھي جنھنتي پنجاھ ھزار کان مٿي پيسا خرچ ٿيا آھن جڏھن ته منھنجي خواھش آھي ته مان پنھنجي اسڪول جي غريب ۽ مسڪين بيمار شاگردن ۽ شاگردياڻين جو بھتر نموني علاج ڪرائي سگھان ته جيئن سندن تعليم متاثر نه ٿئي،