English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسان سنڌ جا اڇوت ٿي ويا آهيون، جتي وڃون ٿا، اتي زور پئجي وڃي ٿو: مرتضيٰ جتوئي
101 views
|
02nd Nov 2025
•
سنڌي خبرون
چون ٿا ته لنجار هائوس گهر کي باهه ڏيڻ ۾ ڪيميڪل جو استعمال ٿيو، هيءُ ڪيمڪل اهو آهي، جيڪو بينظير ڀٽو جي شهادت بعد استعمال ٿيو
مورو (رپورٽر) اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ شهيد عرفان لغاري ۽ زاهد لغاري جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان سنڌ جا اڇوت ٿي ويا آهيون، جتي وڃون ٿا، اتي زور پئجي وڃي ٿو، چون ٿا ته گهر کي باهه ڏيڻ ۾ ڪيميڪل جو استعمال ٿيو هيءُ ڪيمڪل اهو آهي، جيڪو بينظير ڀٽو جي شهادت بعد استعمال ٿيو، سڀني کي خبر آهي ته ڪيميڪل ڪنهن وٽ آهي، پاڻ پنهنجي گهر کي باهه ڏياري پرامن احتجاج تي فائرنگ ڪرائي وئي، پرائيويٽ ماڻهن به فائرنگ ۾ حصو ورتو، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته زاهد ۽ عرفان لغاري جي وارثن وٽ تعزيت لاءِ ان ڪري نه پهچي سگهياسين ته اسان کي پاڻ ڪيسز ۾ ڦاسايو ويو هو، اسان جي اڄ تائين پڪي ضمانت منظور ناهي ٿي، اسان کي اينٽي پاڪستان ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان يا لغاري اينٽي پاڪستان نه آهيون، اسان کي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي وئي، اسان شامل نه ٿياسين، شايد اها ڳالهه هنن کي نٿي وڻي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
ہرن کھڑکی توڑ کر بینک میں گھس گیا
30th Jan 2026
•
دلچسپ اور عجیب
اب انسان کی عمر 150 سال تک پہنچ سکتی ہے
30th Jan 2026
•
دنیا
عالمی سیکیورٹی پر خطرے کی گھنٹی: افغان طالبان دہشت گردی کے مرکز کے طور پر بے نقاب
30th Jan 2026
•
شوبز
جویریہ عباسی نے شوہر کے ساتھ بولڈ فوٹو شوٹ کر کے سوشل میڈیا پر ہنگامہ مچا دیا
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
حڪومت جون پاليسيون ملڪ کي وڌيڪ بحرانن ۾ وجھي رھيون آھن، پاڻي تي ڌاڙي جي مزاحمت ڪنداسين: اياز لطيف پليجو
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ ڀرسان گهر ۾ اوچتو باهه ڀڙڪي پئي، الهه تلهه رک
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف هنڌن تي سستا اٽي جا اسٽال قائم
30th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ ٻن ڀائرن جو ڀائٽين کان لاتعلقي جو اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
مورو
مرتضيٰ جتوئي
murtaza jatoi
0 تبصرے