English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ۾ هڪ هفتي کان بجلي بند، 100 ڳوٺن جا رهواسي سراپا احتجاج بڻيل
136 views
|
31st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران گرڊ اسٽيشن اڳيان ڌرڻو هنيو ويو، بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي لڳ ڀڳ 100 ڳوٺن ۾ گذريل هڪ هفتي کان بجلي بند هجڻ خلاف رهواسين جو صبر جواب ڏئي ويو متاثر علائقن جي رهواسين گرڊ اسٽيشن جي آڏو ڌرڻو هنيو ۽ گڏاپ سٽي روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ مڪمل طور بند ڪري ڇڏيو احتجاج ڪندڙن پاران ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته مسلسل لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جي بندش سبب علائقو پوري طرح تڪليف ۽ بحران جو شڪار بڻجي ويو آهي۔رهواسين جو چوڻ هو ته هڪ هفتي کان بجلي بند هجڻ سبب پيئڻ جي پاڻيءَ جو شديد بحران پيدا ٿي ويو آهي، واٽر سپلائي اسڪيمون ۽ گهرن جا موٽر مڪمل طور بند پيل آهن، جنهن ڪري عورتن ۽ ٻارن کي وڏي تڪليف آهي۔انهن ٻڌايو ته بجلي نه هجڻ ڪري ڪاروباري سرگرميون به بند ٿي ويون آهن ۽ مقامي مارڪيٽون ويران ٿي ويون آهن، جڏهن ته رات جي وقت علائقو مڪمل اونداهي ۾ ٻڏي ويندو آهي رهواسين الزام لڳايو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا گذريل هڪ سال کان گڏاپ سان زيادتي ڪري رهي آهي، شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪنهن به قسم جو حل نه نڪتو آهي احتجاج ڪندڙن اعلان ڪيو ته بجلي جي بحالي تائين احتجاج جاري رهندو ۽ جيڪڏهن فوري طور تي بجلي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو احتجاج سبب گڏاپ سٽي کان سپر هاءِ وي ڏانهن ايندڙ ۽ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، جنهن ڪري مسافرن ۽ ڊرائيورن کي به شديد پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
گڏاپ جي لڳ ڀڳ 100 ڳوٺن
0 تبصرے