English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جسقم ملير جو شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي آزادي لاءِ احتجاج
98 views
|
31st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد جي مک چوڪ کان عوامي پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو جي گرفتاري ۽ زوري گمشدگي خلاف جسقم ملير طرفان وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيڪا رزاق آباد جي مک چوڪ تان شروع ٿي ۽ عوامي پريس ڪلب آڏو پهچي ڌرڻي ۾ تبديل ٿي وئي۔احتجاجي ريلي جي اڳواڻي جسقم ملير جو نائب صدر مرضي جوڻيجو، جنرل سيڪريٽري مشتاق زهراڻي، ممتاز مري، سعيد گاڏهي ۽ شعيب گڏاڻي ڪري رهيا هئا ڪارڪنن جي هٿن ۾ بينر ۽ پليڪارڊ هئا جن تي غني امان چانڊيو کي آزاد ڪيو۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي فوري ظاهر ڪيو. جا نعرا لکيل هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته غني امان چانڊيو هڪ پرامن شاگرد اڳواڻ آهي جنهن کي اسپتال ۾ پنهنجي گهر واري جي علاج دوران زوري کنڀي گم ڪيو ويو جيڪو انساني حقن جي سخت ڀڃڪڙي آهي۔اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مختلف علائقن مان قومي ڪارڪنن جي کنڀجڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن، جيڪي جمهوري قدرن ۽ قانوني اصولن جي ابتڙ آهن۔ هنن مطالبو ڪيو ته غني امان چانڊيو کي فوري طور ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ قومي ڪارڪنن خلاف اهڙين ڪارروائين کي روڪيو وڃي۔احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن گرفتار شاگرد اڳواڻ کي جلد ظاهر نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ تائين وڌايو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
01st Feb 2026
•
سندھ
جھڑک کے قریب نشے کے عادی شخص نے بیوی اور 2 بچوں کو قتل کرنے کے بعد خودکشی کر لی
01st Feb 2026
•
سندھ
کراچی سے ملکی و غیر ملکی سیاحوں کا وفد موہنجو دڑو پہنچ گیا، آثار قدیمه کا دورہ
01st Feb 2026
•
سندھ
عوامی پریس کلب ملیر کے انتخابات، سید سجاد علی شاہ صدر، نائب صدر شہنشاہ چارن منتخب
01st Feb 2026
•
پاکستان
بلوچستان میں سیکورٹی فورسز کی شاندار اور کامیاب کاروائیوں پر فوج اور سیکورٹی اداروں کو خراج تحسین پیش کرتی ہوں پارلیمانی سیکرٹری فرح ناز اکبر
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ پ پ جي جيالي جو پنهنجي چاچي خلاف احتجاج, جڳهه تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش جا الزام
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ سيد علي مردان شاهه ڊسٽرڪٽ اينڊ آل سنڌ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
راندين واري کاتي پاران ٺٽي ۾ ڍڳن جي ڊوڙ جو مقابلو ڪرايو ويو
01st Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نيو ڇور ۾ ٽيپ بال ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائيل بابا نصرالله ولي ٽيم کٽي ورتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جسقم ملير جو شاگرد
شاگرد اڳواڻ غني امان چانڊيو
ملير
0 تبصرے