سارين جو اگهه 4000 رپيا في مڻ مقرر ڪري خريداري مرڪز کوليا وڃن: ڪميونسٽ پارٽي جو اڳواڻ
ڏوڪري(رپورٽر) سارين جو فصل مارڪيٽ ۾ اچي وڃڻ باوجود سرڪار طرفان نه ته امدادي قيمت مقرر ٿي ۽ نه ئي خريداري جو ڪوئي بندوبست ڪيو ويو. سارين جو اگهه 4000 روپيا في مڻ مقرر ڪري خريداري مرڪز کولي ھارين ۽ آبادگارن کي نقصان کا بچايو وڃي. اھڙي ريت ڪمند جو اگھ 600 روپيا في مڻ مقرر ڪري شگر ملون جلد ھلرائي، مل مالڪن کي اگهه ڏيڻ جو پابند ڪيو وڃي.خطرو آهي تہ جبري گمشدگين جو سلسلو ملڪ کي تباهي ڏانهن نه وٺي وڃي. (قاضي امداد) ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت ڪڻڪ جي پوکائي شروع ٿي چڪي آهي پر ڀاڻ بليڪ تي وڪرو ٿي رھيو آھي. حڪومت ڀاران 25 ايڪڙن تائين جي آبادگار کي فصل پوکڻ لاء ھڪ ٻوري ڊي اي پي ۽ ٻه ٻوريون يوريا ڀاڻ ڏيڻ جو فيصلو تعريف جوڳو آھي، پر اصل مسئلو ڀاڻ جي قيمتن کي گھٽ ڪرائڻ ۽ ان جي بليڪ تي وڪري کي روڪرائڻ آھي، جنھن ۾ حڪومت ناڪام وئي آهي يا ملي ڀڳت آهي. امداد قاضي وڌيڪ چيو ته ھاري ڪارڊ اصل ھارين يعني بي زمين ھارين کي نه ڏيڻ بي انصافي آھي. ھن مطالبو ڪيو ته فوري طور پوري سنڌ ۾ ھارين جو ھارپ جو رڪارڊ رکڻ، يعني خسري ۾ داخلا رکرائي وڃي. انھن ھارين کي به ھاري ڪارڊ ڏنو وڃي. فصل پوکڻ لاء ھاري کي اڌ خرچ ڀرڻو پوي ٿو، ھن کي غريب ھئڻ ڪري سڀ ڪجھ وياج تي وٺي زمين ۾ فصل لڳائڻو پوي ٿو. ڪنھن قدرتي آفت اچڻ سان ان جو به نقصان ٿئي ٿو ۽ هو هميشه لاءِ وياج ۾ جڪڙجي وڃي ٿو. امداد قاضي مطالبو ڪيو ته ٽماٽر ٻاهران گھرائي ان تي قيمتي ناڻون ضايع ڪيو وڃي ٿو پر پنھنجي ھارين کي امدادي رقم ڏيڻ لاء سرڪار تيار نه آھي. ننڍن آبادگارن ۽ ھارين کي غربت مان ڪڍڻ لاء سنڌ حڪومت کي خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهي ئي سندس ووٽر به آهن.زبردست، هيءَ راءِ سنڌيءَ ۾ ترجمو هيئن ٿيندي جبري گمشدگيون رياست جي ناڪامي جو ثبوت آھن.ھن وڌيڪ چيو ته خطرو آهي ته جبري گمشدگين جو سلسلو ملڪ کي تباهيءَ ڏانهن نه وٺي وڃي. سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن جي اندر غني امان سميت ٻين نوجوانن کي جبري طور گم ڪرڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ قابلِ مذمت عمل آهي. ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، سنڌ سميت پوري پاڪستان مان سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي ڪارڪنن جي جبري گمشدگين جي نه رڳو سخت مذمت ڪندي رهي آهي، پر عملي طور تي به هن خلاف جدوجهد جو حصو رهي آهي.
0 تبصرے