English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
دنيا جي جن علائقن ۾ سامونڊي پٽي ۽ درياء ھوندا آھن اتان جو عوام خوشحال ھوندو آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
افسوس ٺٽي ضلعي وٽ سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود ھتان جو عوام بک، بدحالي، بيروزگاري جو شڪار آهي
ٺٽو (ڊ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ٺٽو ۾ يوٿ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ اياز لطيف پليجي چيو تہ دنيا جي جن علائقن ۾ سامونڊي پٽي ۽ درياء ھوندا آھن اتان جو عوام خوشحال ھوندو آھي پر افسوس ٺٽي ضلعي وٽ سمنڊ، درياھ، انيڪ قدرتي وسيلا ھجڻ باوجود ھتان جو عوام بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ عذاب واري زندگي گذاري رهيا آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ تڪليفن، چيلينجن ۽ خطرن کي منھن ڏئي، جستجو ۽ جدوجھد ڪندا رھو، جي علم، عقل، ھنر ۽ فن جي سمنڊ مان، ذرڙو حصو بہ ملي پيو، تہ اوھان مالا مال ٿي ويندو.اياز لطيف پليجي چيو تہ واندا نہ ويھو، طويل انتظار نہ ڪيو، تحرڪ ۾ رھو. بيپناھ محنت سان پڙھائي جاري رکو، سرڪاري نوڪرين تي پنھنجي حق ۽ ميرٽ لاءِ بہ لڙندا رھو، قومي حقن، وطن ۽ وسيلن لاءِ بہ سياسي ميدان ۾ رھو، پرائيويٽ، اين جي او، ميڊيا ۽ ڪارپوريٽ سيڪٽر ۾ نوڪرين لاءِ بہ ڪوششون ڪيو، پروفيشنل ڊاڪٽر، وڪيل، ٽيچر ۽ انجنيئر بہ ٿيو، پرڏيھي اسڪالرشپس ۽ جابس بہ ڳوليو.اياز لطيف پليجي چيو تہ ضابطو ۽ محنت معجزا ڪري سگھن ٿا. جيڪڏھين اوھان پنھنجن فيصلن، پڙھڻ، سکڻ، اٿڻ، نوڪري، ڪاروبار، ورزش، خوراڪ، گفتگو، روين، سفر ۽ جدوجھد ۾ ڊسيپلين پيدا ڪري ويا تہ ڪمال ڪري ڇڏيندو. ضابطو آزادي آھي، ضابطو فتح آھي،ضابطو خوابن ۽ تعبيرن جي وچ ۾ پُل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڪمائي جو ذريعو بنائي ميرٽ کي قتل ڪيو ويو آھي. ادو ۽ ادي ڪروڙين روپيا ايڊوانس وٺي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري رھيا آھن. سنڌ کي علم، ادب، سائنس جي ضرورت آھي. جھالت جون ڳالھيون ڪندڙ سنڌ کي اونداھي ۽ بربادي ۾ ڏسڻ چاھين ٿا. سنڌ جي لکين عورتن کي انڪم سپورٽ جي نالي ۾ پنايو پيو وڃي. اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت کي تڪراري بنائڻ وارين ڳالھين کي رد ڪريون ٿا.اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوانن کي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي اهو ئي ترقي جو رستو آهي. نوجوان تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن. سرڪاري تعليمي ادارن ۾ تعليم جي حالت خراب ھجڻ ڪري پرائيويٽ تعليمي ادارا وڌي ويا آھن، جتي حڪمران طبقي، سردارن، ميرن، جاگيردارن، آفيسرن ۽ وڏن ماڻھن جا ٻار پڙھن ٿا، باقي جن وٽ پئسا ناھن انھن جا ٻار معياري تعليم کان محروم آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ شاگرد سماج جي بي پناھ سگھ ۽ اھڙي طاقت آھن جيڪي ظلمت آڏو بيھي رھن تہ ناقابل شڪست بنجي وڃن ٿا۔ ميرٽ ناھي۔ تعليمي ادارا ڪرپٽ ماڻھن وٽ يرغمال آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ جديد علم ۽ ٽيڪنالاجي کان سواءِ اڳيان نہ ٿو وڌي سگهجي استادن ۽ ڊاڪٽرن کي جديد تحقيق ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو، ڏسڻو پوندو تہ ڇا سنڌ جون يونيورسٽيون جديد دنيا سان هم آهنگ آهن. ٺٽي ضلعي کي جديد اسپتال انجنيئرنگ يونيورسٽي، جي ضرورت آهي. اسان جو تعليمي نصاب جديد، انسان دوست ۽ سائنسي هجڻ گهرجي، شاگرد مايوسي واري خيالي دنيا مان نڪري حقيقي سائنسي دنيا ۾ اچن. شاگرد ملڪ ۾ تعليم، امن ۽ صحت لاءِ ڪردار ادا ڪن. سنڌ جي تعليم، صحت ۽ گورننس تباھ ٿي چڪي آهي نوجوان ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ جهالت جو رستو روڪين.اياز لطيف پليجي چيو تہ سڄي سنڌ ۾ آئيس ۽ ٻي منشيات جو زھر نوجوان نسل کي تباھ ڪري رھيو آھن۔ سڄي سنڌ منشيات ۽ ڏوھن جو ڳڙھ بڻجي وئي آھي. حڪومت وٽ منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي بحالي جو ڪو بہ منصوبو ناھي۔ اھڙي ڪا اسپتال ناھي جتي منشيات ۾ ڦاٿل نوجوانن جي صحت کي بھتر ڪري سگھجي ۽ انھن جي ذھني تربيت ڪري سگھجي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ پنجاب ۽ ٻين صوبن ۾ غير قانوني افغانين خلاف آپريشن نظر اچي ٿو، لکين افغاني واپس ٿي چڪا آھن ۽ سنڌ ۾ اڃا تائين پنج سئو افغاني بہ گرفتار ناھن ڪيا ويا. سنڌ ۾ آپريشن جي نالي ۾ ڊرامو ڪيو پيو وڃي. افغاني، برمي، بنگالي، بھاري ۽ ٻين غير قانوني پرڏيھين کي فوري طور تي واپس پنھنجن ملڪن ڏانھن موڪليو وڃي.پاڪستان ۾ سياسي ۽ اقتداري مفادن لاءِ غير قانوني پرڏيھين کي پھرين بلدياتي ادارن کان رھائشي سرٽيفڪيٽ ڏياريا وڃن ٿا، پوءِ شناختي ڪارڊ ڏنا وڃن ٿا۔ اھڙي ريت اھي ملڪيتون خريد ڪن ٿا ۽ سرڪاري نوڪرين ۽ وسيلن تي قابض ٿي ويھي رھن ٿا. افغانين سميت غير قانوني پرڏيھين جي ڪري سنڌ ۾ ھٿيار آھن، منشيات جو آزار آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ مھانگائي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي۔ عوام جي حقيقي آواز کي دٻائڻ لاء مصنوعي اشو پيدا ڪيا وڃن ٿا. پاڪستان ۾ شامل وحدتن کي ڪڏهن بہ برابري وارا حق نہ مليا آهن. جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي مسلسل چوٿين حڪمراني سنڌ کي المين جي ڌرتي بنائي ڇڏيو آھي. ٿوري ٿوري وقت سان اھڙا درندگي جا واقعا پيش اچن ٿا جو ماڻھن جا لڱ ڪانڊارجو وڃن. سنڌ کي معصوم ٻارن، نياڻين، صحافين جي مقتل گاھ بنايو ويو آھي. پنجاب ۽ خيبر پختونخواھ جي حڪومتن ۾ انتظامي ۽ ترقياتي منصوبن جو مقابلو آھي ۽ سنڌ ۾ ڪرپشن، ڏوھن، اغوائن، ڦرن ۽ ماڻھن کي فقير بنائڻ جو مقابلو ھلي رھيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي جي 18 سالن جي حڪمراني سنڌ جي سمورن ادارن جي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي. ڪرپشن جا نوان نوان طريقا ايجاد ڪري سنڌ کي تباھ ڪيو ويو آهي. ڪرپشن انصاف ۾ رڪاوٽ آھي سرڪاري اسپتالن ۾ معياري علاج ناھي. سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنايو ويو آھي۔ ادارن کي تباھ ڪيو پيو وڃي۔ سفارش ۽ رشوت کي ڪلچر بنايو ويو آھي. سنڌ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي تعليم جو رواج ئي ناهي، ميرٽ جي لتاڙ، تعليم دشمن پاليسين، ڪميشن جي امتحانن ۾ ڪرپشن، نوڪريون جو وڪرو ڪيون وڃن ٿيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Oct 2025
•
پاکستان
این ایف سی کی جانب سے سال 2025 کی چیمپین شپ کا پورے پبلک مشن کا انعقاد
30th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ضلعي نوشھرو فيروز ۾ امن وامان جي صورتحال ..!!
30th Oct 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون تياريون ۽ جوش و خروش..!!
30th Oct 2025
•
پاکستان
پاکستان انجینئرنگ کونسل نے جنوبی پنجاب کو خصوصی اختیارات دے دیے، علاقائی ترقی و سہولت کے نئے دور کا آغاز
30th Oct 2025
•
پاکستان
این ایف سی کی جانب سے سال 2025 کی چیمپین شپ کا پورے پبلک مشن کا انعقاد
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
کھڙا ۾ غريب مسڪين مستحق ماڻهن ۾ زڪوات جا امدادي چيڪ ورهائڻ واري تقريب
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
جنگشاهي ۾ اسڪول جي نئين عمارت جو ڪم ٽن سالن کان رولڙي جو شڪار
30th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويدالرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
ٺٽو
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي
0 تبصرے