نوشهروفيروز (ڊ ر) گهرو وزير ضياء الحسن لنجار جي گهر تي حملي ۽ باهه ڏيڻ وارن ٻن ڪيسن، مورو ۾ وڳوڙن دوران داخل ٿيل ٻن مختلف ڪيسن سميت دادو جي اميناڻي ٿاڻي تي داخل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي دهشتگردي جي انت واري عدالت جو جج مقرر نه هجڻ سبب سمورن ڪيسن جون ٻڌڻيون ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ ٿيون جتي اڳوڻو وفاقي وزير غلام مرتِضي جتوئي ۽ سندس ڀاء اڳوڻو صوبائي وزير مسرور جتوئي پيش ٿيا عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد گهرو وزير جي گهر تي حملي جي ٻن ڪيسن جي ٻڌڻيون 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي جڏهن ته مورو ۾ وڳوڙن جي داخل ٻن ڪيسن جون ٻڌڻيون 14 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي جڏهن ته غلام مرتضي جتوئي خلاف دادو جي اميناڻي ٿاڻي تي داخل پوليس مقابلي دوران چرچ واري ڪيس جي ٻڌڻي 4 نومبر تائين ملتوي ڪئي وئي هوڏانهن ٻئي طرف اين پي پي سربراهه غلام مرتضي جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ جو حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن سنڌ ۾ هاڻي حڪومتي پارٽي جو ايم اين اي به محفوظ ڪونهي ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر ۾ واردات انتهائي افسوسناڪ عمل آهي جنهن جي مذمت ڪيون ٿا ذوالفقار بهڻ جي تڏي تي وڃي اسان اهو ثابت ڪيو آهي ته سياسي اختلاف ٿي سگهن ٿا پر اسان پنهنجي سماجي قدرن کي وساري نه ٿا سگهون. سرڪار جي حالت اها آهي جو مان ڪجهه مهينن کان ٻڪري چور، موٽر سائيڪل چور ۽ پوليس سان مقابلا ڪندڙ ٿي ويو آهيان، عدالتن ۾ روز اهڙن ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهيان هن چيو ته عدالتن مان هر ڀيري تاريخون ئي ملن ٿيون پر پوء به عدالتن تي اعتبار آهي اميد آهي ته اسان کي انصاف ملندو
0 تبصرے