گمبٽ (رپوٽ زوھيب سمون ) گمبٽ لڳ درگاھ گلاب شاھ لڪياري جو ساليانو عرس مبارڪ شروع ٿي ويو آهي ملاکڙي جا سخت مقابلا ملاڙي ۾ رانديگرن ويٺل عوام کي راند کيڏي واھ واھ ڪرائي ڇڏي علائقي جي ماڻھن رانديگرن کي وڏو داد ڏنو جڏهن ان موقعي تي درگاھ جي گادي نشين سيد پيروز علي شاھ لڪياري. سيد سجاد علي شاهه لڪياري. وڏيرو مير هزار خان گوپانگ. سيد نجم شاھ بخاري. فاروق گوپانگ. ميلي جي مئنيجر عبدالستار گوپانگ. فوجي ضمير گوپانگ راح. همير گوپانگ. وڏيرو الا بخش کهڙو. پ پ گمبٽ سٽي جو صدر رفيق شيخ.ارشاد علي راجپر محمد پنجل ٿيٻو ۽ ٻين ڪيترن ئي ملھ پهلوانن کي انعام ڏنا جڏهن ته سيد پيروز علي شاهه ۽ وڏيرو مير هزار خان گوپانگ کي هار پڻ پاريا ويا
0 تبصرے