English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر ۾ سُڪار فائونڊيشن ۽ گرو گرين نيٽ ورڪ پاران عوامي گڏجاڻي منعقد
127 views
|
28th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
مٺي (رپورٽر )سُڪار فائونڊيشن ۽ گرو گرين نيٽ ورڪ پاران انڊس ڪنسورشيم جي سهڪار سان مٺي، ٿرپارڪر ۾ “پبلڪ فورم 2025: سولر برابري، فاسل ٻارڻ کان نجات، ۽ پائيدار بحالي” جي عنوان سان هڪ عوامي گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سماجي ڪارڪنن، سياسي اڳواڻن، صحافين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. فورم دوران شرڪت ڪندڙن توانائي جي برابري، موسمياتي انصاف ۽ فاسل ٻارڻ کان تجديدي توانائي ڏانهن منتقلي جي ضرورت تي زور ڏنو.سُڪار فائونڊيشن جي جنرل مئنيجر تيرٿ جهانگي، شاھد شاھ، نديم روشن شاھ، دريا خان، گوري ڀيل، وڪيل رفيق ھنگورجو، چمن لوڪل واپاري ۽ امتاز جوڻيجو سميت ٻين ڳالهائيندڙن چيو ته توانائي پاليسين ۾ بنيادي سڌارا آڻڻ ۽ موسمياتي تبديليءَ سان متاثر ٿيندڙ علائقن ۽ ماڻھن کي اوليت ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. مقررن جو چوڻ هو ته بجليءَ جي وڌندڙ قيمتن ۽ توانائي تائين محدود رسائي عام ماڻهن لاءِ وڏو چيلينج بڻجي وئي آهي، تنهن ڪري حڪومت کي تجديدي توانائيءَ کي فروغ ڏيڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. فورم ۾ زور ڏنو ويو ته سڀني لاءِ سستي ۽ قابلِ رسائي شمسي توانائي مهيا ڪرڻ، سولر تي لاڳو 10 سيڪڙو سيلز ٽيڪس ختم ڪرڻ، ۽ گهٽ آمدني وارن لاءِ آسان قسط وارا قرض ڏيڻ ضروري آهي. ان سان گڏ فاسل ٻارڻ تي ڀاڙڻ ختم ڪري نون فاسل منصوبن کي روڪڻ ۽ مالي ذريعا تجديدي توانائي ڏانهن منتقل ڪرڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو. ڳالهائيندڙن چيو ته موسمي انصاف لاءِ لاس اينڊ ڊيميچ فنڊ کي شفاف بڻايو وڃي ۽ متاثر عوام تائين وعدي ڪيل مالي مدد پهچائي وڃي. ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ قرض بدران امدادي سهائتا، روزگار جا موقعا ۽ عورتن ۽ نوجوانن جي شموليت کي يقيني بڻايو وڃي. انڊس ڪنسورشيم جي ترجمان موجب، فورم متاثر ماڻھن جي گڏيل آواز کي اجاگر ڪيو، جيڪي منصفانه توانائي حلن ۽ موسمي انصاف جو مطالبو ڪري رهيا آهن. تقريب جي پڄاڻي “پيپلز چارٽر فار انرجي اينڊ ڪلائيميٽ جسٽس 2025” جي صحيح مهم سان ٿي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٿرپارڪر ۾ سُڪار فائونڊيشن ۽
گرو گرين نيٽ ورڪ
0 تبصرے