ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، ميرطارقعلي ٽالپر، ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلزپارٽي ميرپورخاص ڊويزن ۽ ضلع عمرڪوٽ جي قيادت 27 آڪٽوبر يومِ سياه جي موقعي تي مقبوضه ڪشمير ۾ ڀارتي قبضي ۽ ظلمن جي سخت مذمت ڪندي ڪشميري عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو آھي، ڊويزنل صدر ۽ قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر مهیش ملاڻي چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع تاريخ جو اھو سياه ڏينھن آھي، جڏھن ڀارت ڪشميري عوام جي خواهشن جي ابتڙ زبردستي جمون ۽ ڪشمير تي قبضي ڪيو، ھن چيو ته اڄ به ڪشميري ڀائر ڀارتي جبر ۽ ڏاڍائي جي باوجود آزادي جي عزم تي اٽل بيٺل آھن، پاڪستان پيپلزپارٽي ھميشه ڪشميرين جي حقِ خوداراديت جي حمايت ڪندي رھندي، جنرل سيڪريٽري مير طارق علي خان ٽالپور چيو ته يومِ سياه ملهائڻ جو مقصد دنيا کي ياد ڏيارڻ آھي ته ڪشمير جو مسئلو اڄ به گڏيل قومن جي ٺهرائن مطابق حل طلب آھي، ھن وڌيڪَ چيو ته ڀارتي رياستي دهشتگردي ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي عالمي برادري جي چپ ئي وڏي مجرماڻي بي حسي آھي، انفارميشن سيڪريٽري تيمور علي مھر چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ۽ بہادري اسان لاءِ مشعلِ راهه آھن، يومِ سياه رڳو هڪ يادگار نه پر عزم جي تجديد آھي ته اسان ڪشميري ڀائرن سان هر ممڪن سطح تي گڏ بيٺا آهيون ۽ گڏ بيٺا رهنداسين، ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع عمرڪوٽ جي قيادت پڻ پنهنجي مڪمل حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو، ضلع صدر ڊاڪٽر سيد نور علي شاهه چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهدِ آزادي انسانيت جي سچائي ۽ حوصلي جي علامت آھي، پيپلزپارٽي عمرڪوٽ ھر سطح تي سندن سياسي ۽ اخلاقي ساٿ جاري رکندي، سينيئر وائيس پريزيڊنٽ برهان الدين ڪنڀر چيو ته ڀارت جا ظلم ۽ جبر عالمي ضمير لاءِ چيلينج بڻجي ويا آھن، پر ڪشميري عوام جي قربانيون ضرور رنگ آڻينديون، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو ۽ انفارميشن سيڪريٽري گھنشام داس چيو ته ڪشمير پاڪستان جي دل آھي، ۽ پاڪستاني عوام جو دل ڪشميري عوام سان ڌڙڪي ٿو، آخر ۾ اڳواڻن چيو ته پيپلزپارٽي ميرپورخاص ڊويزن ۽ عمرڪوٽ جي تنظيمون گڏجي ڪشميري عوام جي جدوجهدِ آزادي کي خراجِ تحسين پيش ڪن ٿيون ۽ دنيا کان مطالبو ڪن ٿيون ته ڪشمير جي مسئلي تي دوغلي پاليسي ڇڏڻ گھرجي ۽ مظلوم ڪشميرين کي سندن حقِ خوداراديت ڏنو وڃي.
0 تبصرے