نوشهروفيروز/ مورو (جاني جماڻي(مورو ڀرسان اڻڄاتل هٿياربند پ پ اڳواڻ ۽ ايم اين اي ذوالفقار علي بھڻ جي گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائڻ بعد ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا، ايم اين اي ذوالفقار علي بهڻ صحافين کي ٻڌايو ته رات هٿياربندن گھر ۾ گھڙي ڌاڙو گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ٻهارڻ بعد گاڏي به ڪاهي فرار ٿي ويا، جيڪا درس ٿاڻي ڀرسان ڇڏي فرار ٿي ويا اطلاع ملڻ تي اسان پنهنجي ماڻهن سان گڏجي سندن پيڇو ڪيو ۽ درس ٿاڻي تي پھتاسين جتي ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو پوليس جي وڏي نفري سان گڏ پھتو ۽ پوليس ۽ اسان جا خانگي ماڻھون ڌاڙيلن جا پيرا کڻي رھيا آھن مون سان سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سميت ۽ پوري سنڌ ڪابينا ۽ پ پ اڳواڻ مون سان رابطي ۾ آھن ۽ ڌاڙيل قانون کان لڪي ڪون سگھندا ۽ سندن چھرا جلد عوام جي سامهون ايندا.ذوالفقار علي بهڻ جو چوڻ هو ته هٿياربند هرشئي کڻي ويا بس گهرڀاتي جانيون بچائي سگهيا، ڌاڙيل رات اڍائي وڳي کان پنج وڳي تائين گهر ۾ موجود رهيا، جن هٿن ۽ منهن تي ماسڪ پاتل هئا. واقعو درس ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو، جتي بعد ۾ ايم اين اي جي ويگو گاڏي پڻ ملي وئي شهرين جو چوڻ آهي ته جڏهن هڪ ايم اين اي جو گهر به محفوظ ناهي، ته پوءِ عام غريب ۽ مسڪين عوام جو ڇا ٿيندو هن وقت نوشھرو فيروز ۾ بدامني انتها کي پهتل آهي ۽ ضلعو سنڌ ۾ امن امان جي لحاظ کان پهرين نمبر تي بيٺل نظر اچي ٿو ايم اين اي ذوالفقار علي ڀڻ واقعي کانپوءِ مدد جي اپيل ڪندي چيو آهي ته گهرو وزير ۽ ايس ايس پي ضلع جي امن امان بابت ذميوار آهن، جن جي نااهلي سبب صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، ڌاڙي واري واقعي کان پوءِ جتوئي ڀائر به بهڻ هائوس پهتا، جن ۾ غلام مرتضىٰ خان جتوئي، مسرور احمد خان جتوئي ۽ ٻيا به شامل هئا. جتوئي ڀائرن ايم اين اي سان ملاقات ڪري سموري صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ۽ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، غلام مرتضىٰ خان جتوئي چيو ته ملڪ ۽ سنڌ ۾ اهڙن واقعن ذريعي صورتحال کي خراب ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جنهن جي شفاف جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.
0 تبصرے