نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو

پوليس اسد الله موروجو کي گذريل ڏينهن وڪيل جي آفيس مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: الزام

نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو واسين جو احتجاجي مظاهرو

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ ڳوٺ رمضان موروجو جي رهواسي ڳوٺاڻن نعيم موروجو ، سليم موروجو ، ظفر موروجو ۽ عبيد الله گاڏھي پريس ڪلب پهچي دريا خان مري پوليس جي ظلمن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ڳوٺاڻن ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جي نوجوان اسد الله موروجو کي گذريل ڏينهن مورو مان دريا خان مري پوليس وڪيل جي آفيس مان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي گرفتاري به شو نه ٿي ڪري هنن چيو ته پوليس مقابلي جو ڪوڙو ڪيس نوجوان تي ڪجهه ڏينهن پهريان داخل ڪيو ويو هو جنهن ۾ نوشهروفيروز جي عدالت مان ضمانت ملي آهي ان جي باوجود به دريا خان مري پوليس ايس ايڇ او لهڻو خان بوزدار کڻي ويو آهي هنن چيو ته هاڻي پوليس پنج لک روپيا گهري ٿي نه ڏيڻ جي صورت ۾ ھاف فراء ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهي آهي جيڪڏهن اسان جي نوجوان تي ڪو ڪيس آهي ته ظاهر ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي هنن آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد، ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ گرفتار ڪيل نوجوان اسد الله موروجو آزاد ڪري ايس ايڇ او دريا خان مري خلاف قدم کنيو وڃي