شڪارپور ۾ ڪڙي نواب خان واسي جو ڌيءَ سميت احتجاج

شڪارپور ۾ ڪڙي نواب خان واسي جو ڌيءَ سميت احتجاج

شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور شھر جي ڪڙي نواب خان جي رھواسي آغا رشيد پٺاڻ پنھنجي نياڻي سان گڏجي شڪارپور پريس ڪلب پھچي احتجاجي مظاھرو ڪندي دانھيون تہ مان ڪجھ ٽائيم اڳ آغا وحيد پٺاڻ کي ڪاروبار لاء پيئسن جي ڏيتي ليتي ڪئي جنھن ۾ مون ھن کي 5 لک روپيہ ڪيش ڏنا ھئا,آغا وحيد نہ پيسئہ واپس ڪري ٿو نہ وري مونسان ويھي حساب ڪري ٿو, جڏھن مان پيسئہ گھرڻ وڃانس ٿو تہ مونکي موت مار ڌمڪيون ڏي رھيو آھي,مان ھن جي ڀائرن شڪيل پٺاڻ,جميل پٺاڻ ۽ ٻين کي وحيد جي دانھن ڏني آھي, پر اھي بہ ويتر مونکي ڳالھائي رھيا آھن,ھن چيو تہ مان مسڪين ماڻھو آھيان پيسئہ مان پنھنجي معذور نياڻي لاء رکيا ھئا جيڪا ڳالھائي نہ ٿي سگھي مان بيمار ماڻھو آھيان دل جو مريض آ ھو بااثر مونکي ڌمڪائي خاموش ڪري رھيو آھي, ھن ايس ايس پي شڪارپور, ڊي ايس پي سٽي پارس بکراڻي سميت وس وارن کان گھر ڪئي تہ خدارا مونکي پنھنجا پيسئہ واپس ڪرائي ڏنا وڃن ۽ مونکي تحفظ فراھم ڪيو وڃي..