English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سڄي سنڌ جيان ملير ضلعو به ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، تقريب منعقد
389 views
|
07th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ملير جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي ريليون، جلوس، گڏجاڻيون ۽ موسيقيءَ جا رنگارنگ پروگرام منعقد ٿيا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سڄي سنڌ سان گڏ ڪراچي ۽ ملير ضلعو به اڄ سنڌي ثقافت جي ڏينهن تي سراسر ثقافتي رنگن ۾ رنگجي ويو. ضلعي جي روڊن، چوراهن، گهٽين ۽ اوطاقن ۾ اجرڪن ، ٽوپين، پٽڪن ۽ سنڌي نغمن جي گونج سان جشن جو ماحول مليو.ملير جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي ريليون، جلوس، گڏجاڻيون ۽ موسيقيءَ جا رنگارنگ پروگرام منعقد ٿيا، جن ۾ ٻارن، نوجوانن، عورتن ۽ بزرگن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. سنڌي لباس، اجرڪون ۽ پٽڪا پائڻ وارن شرڪت ڪندڙن پنهنجي ثقافتي ورثي لاءِ ڀرپور جذبو ظاهر ڪيو. ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير ۽ سنڌي ادبي سنگت ملير پاران گڏيل ثقافتي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پريس ڪلب هال کي اجرڪن ،ٽوپين ، گلن ۽ سان سينگاريل پسمنظرن سان ڀرپور ثقافتي ڏيک ڏنو ويو.تقريب سنڌ جي وحدت تي وار نامنظور جي عنوان هيٺ لطيف جي وائي سان شروع ٿي تقريب جي شروعات ۾ ثقافتي عيد جي موقعي تي ڪيڪ ڪٽيو ويو تقريب ۾ آيل مهمانن کي پريس ڪلب جي صدر جمشيد زھراڻي ڀليڪار ڪيو تقريب ۾ قومي فنڪارن عبدالخالق ڀٽي ۽ سرفراز سومرو پنهنجي سريلي آواز ۽ روايتي دُهنن سان ماحول کي وڌيڪ پرجوش ڪري ڇڏيو. سندن گيتن تي نوجوانن ۽ ٻارن پاران جهمريون، تالين ۽ نعرا تقريب کي جشن واري رنگ ۾ بدلائي ڇڏيو.تقريب غفور شاه تقوي، سڪندر سرواڻ، اصغر مھرائي، عبدالغفار عبد،مظهر ورياڻي قومي شاعري ٻڌائي ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاه، قومي عوامي تحريڪ جي اشفاق چنر،عوامي تحريڪ جي رستم ميراڻي، سماجي اڳواڻ عرفان عباسي، رستم لڪ،سامي ميمڻ،جيئي سنڌ محاذ فيض سنڌي ،ايس يو پي جي شيراز سولنگي ۽ ٻين چيو ته سنڌي ثقافت جو ڏينهن رڳو جشن نه پر پنهنجي سڃاڻپ، زبان ۽ هزارين سالن جي پراڻي تهذيب کي زنده رکڻ جو عزم آهي. هنن چيو ته اجرڪ، ٽوپي ۽ پٽڪو سنڌي عوام جي قومي غيرت ۽ ڌرتيءَ سان محبت جو نشان آهن.مقررین جو چوڻ هو ته سنڌ جي ثقافت انسانيت، محبت ۽ امن جو پيغام آهي، جيڪو دنيا جي هر ڪنڊ تائين پکڙجي ويو آهي. هنن چيو ته رستن تي نڪرندڙ لکين ماڻهن جو جذبو سنڌ جي وحدت ۽ بقا جي جدوجهد جي علامت آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
22nd Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انڈس آر اے ایس ایکسپو 2026: پاکستان کے روشن اور جدید مستقبل کی جانب ایک اہم قدم
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: معروف سماجي شخصيت حاجي احمد خاصخيلي جي جنازي نماز ادا
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ ايس ٽي پي جي مرڪزي سڏ تي سنڌ سنواريو مھم جي سلسلي ۾ ريلي
22nd Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سوڀوديرو: ڳوٺ ٻنڊي موٽايو ۾ بي پي ايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي فائينل ۾ ٻنڊي بوائز پاران ٻنڊي ڪنگس کي 3رنسن تان شڪست
22nd Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے نئے ارکان کے پلاٹوں کی قرعہ اندازی اگست کے پہلے ہفتے میں ہوگی، ناصر حسین شاہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سنڌي ثقافت جو ڏينهن
سڄي سنڌ جيان ملير ضلعو
ملير جي مختلف علائقن ۾ ثقافتي
0 تبصرے