ڪلچر ڊي اسان سنڌي قوم جي ثقافتي عيد آهي، انهي ڏهاڙي تي اسان سڀئي پنهنجي ريلين، جلسن، جلوسن، سيمينارن، ڪچهرين ۾ انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيون ته اسان جي سنڌ جي تعليم ۾ بهتري واڌارو ۽ ترقي ڪيئن اچي سگهي ٿي، تعليم جي وڌائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ سميت سنڌ ۾ سنڌ دشمن وڏيرڪي، ڀوتارڪي، وحشي پڻي واري سوچ جي خوفناڪ صورتحال کي ننگو ڪرڻ لاءِ آواز اٿارڻ ۽ سنڌ جي بهادر جاکوڙي ڪردار سنڌ جي وڪيلن خاص ڪري ڪراچيءَ جي وڪيلن جي ساراهه ، تاريخي ۽ اتساهه پيدا ڪندڙ ڪردار کي ڪلچرل ڊي جي موقعي تي واکاڻيو وڃي، سنڌ هڪ تسلسل، سنڌ هڪ تاريخ جو اڻمٽ اهو باب آهي جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ بي مثل ۽ بي مثال آهي، سنڌي دنيا جي ڪهڙي به خطي علائقي ۾ ملڪ ۾ رهي ٿو انهي جي سرهاڻ خوشبوءِ جڳ جهان ۾ پنهنجي الڳ حيثيت آهي، سنڌيءَ جو پٽڪو ، سنڌيءَ جي سنڌي ٽوپي، اجرڪ ثقافت جا اهي خوبصورت گل آهن جيڪي هن بيت ۾ وضع آهن ته '' او مور سنڌي شهزور سنڌي وک چور ته مان قربان ٿيان، هر رهزن جو سنڌ دشمن جو ڪنڌ ڪور ته مان قربان ٿيان. هن سنڌ ڌرتي جي سچل، شاهه ڀٽائي جي بيتن واين جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي، سڌائتي سڀ ڪا بک نه باسي ڪا جيهي تيهي ذات جي، جنبش ڪانهي جا مون سين هلي سا جا جيو مٺو نه ڪري، اڳتي چيو وڃي ٿو ته “ سورهيه مرين سوڀ کي ته دل جا وهم وسار، هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال ۾ ڍال متان تيخ ترار مار ته متارو ٿئين. هرهڪ قوم کي پنهنجي ثقافت رهڻي ڪهڻي ۽ پنهنجو وطن سڀ کان وڌيڪ عزيز ۽ پيارو هوندو آهي، سنڌي قوم وڏي خوش قسمت ۽ ڀاڳن واري آهي جنهن کي قومي ڏهاڙو “ ايڪتا ” قومي عيد جي نالي ۾ نصيب ٿي آهي، انهي ڏهاڙي تي پوري قوم سنڌي ميڊيا جي سڏ تي سرداري، جاگيرداري، ڀوتارڪي مدي خارج سسٽم کان بيزاري جو ڏهاڙو ملهايو ويندو, اهڙي مهم سنڌ جي قومي عيد “ ايڪتا ڏهاڙي ” تي تياريون شروع ڪيون آهن. سنڌ ڌرتيءَ جي هرطرف الله جي ولين جا عظيم تر آستانا، دربارون، خانقاهون ۽ درسگاهون موجود آهن. سنڌ باب الاسلام آهي، سنڌ اهو وطن آهي، جنهن لاءِ اسانجي پياري آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سنڌ وارن ڏانهن پرچار نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي حوالي سان خط لکيو هيو، جنهن لاءِ مخدوم جعفر بوبڪائي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ۽ اها ڳالهه مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رح به لکي آهي ساڳئي ڳالهه مخدوم پير محمد رح به پنهنجي ڪتاب لکي آهي ته “ جڏهن حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم دنيا جي بادشآهن ڏانهن اسلام جي پرچار لاءِ خط لکيا هئا ته انهيءَ وقت پاڻ سنڌ وارن ڏانهن به خط لکيو هو ۽ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جا اصحابي سڳورا به سنڌ ۾ آيا هئا ۽ انهن صحابه ڪرام هتي سنڌ ۾ نيڪيءَ جي دعوت به ڏني ۽ ڪجهه هتي ئي وصال ڪري ويا. ڪريم آقا صلي الله عليه وسلم واري اها نبوت واري ٿڌڙي هوا جيڪا حجاز منجهان گهلي ته انجا خوشبودار پهلو ۽ انجي اها من موهيندڙ لذيذ خوشبوءِ ۽ وڻندڙ سرهاڻ آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ سنڌ ڌرتيءَ تي پهچي چڪي هئي. سنڌ پنهنجي هنج ۾ عالمن ۽ بزرگن جي پرورش ڪئي آهي. ڪيترن اهل علم ماڻهن چيو ته “ سنڌ جا ماڻهو نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ حج جي لاءِ مڪي پاڪ پهتا هئا، هڪڙو سنڌي ڪعبي شريف جو طواف پيو ڪري ٻهراڙيءَ جو سادو ماڻهو هيو پڇا پيو ڪري ته جنهن سهڻي سائين صلي الله عليه وسلم نبوت جو اعلان ڪيو آهي، اهو سهڻو سائين نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم ڪٿي آهي؟، “ مديني واري شهنشاهه صلي الله عليه وسلم ان سنڌي ماڻهوءَ کي سڏي ان سان سنڌيءَ ۾ ڳالهايو ۽ فرمايائونس “ ادا اوري آ ”، سبحان الله واهه سنڌي تنهنجا ڀاڳ جنهن کي آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم پاڻ پنهنجي پاڪ زبان مقدسه سان چون ته ادا اوري آ ، لک ڪروڙ بار انهيءَ جي ڀاڳ تان قربان وڃجي، سنڌ جي اها ڌرتي آهي، جيڪا عالمن، صالحن، برگزيده هستين، ولين جي ڌرتي آهي، جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته خبر پوندي ته برصغير جي اندر جيڪي ديني درسگاهون ۽ درگاهون آهن اتي جيڪو فيض آهي ۽ جيڪو علمي شعور روشني آهي انهيءَ جو سرچشمو سنڌ آهي، برصغير ۾ جيڪي سايه دار وڻ آهن، ماڻهو خلق خدا جن جي ڇانو ۾ سڪون وٺي رهيا آهن انهن جون پاڙون سنڌ ۾ نظر اينديون. عالم اسلام جي مايه ناز علمي شخصيت امامِ اهلسنت اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه جون سندون کولي ڏسو ته سندن استادن ۾ ۽ مشائخن ۾ اوهان کي سنڌ جا عالم ضرور نظر ايندا. شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمت الله عليه جي استادن ۾ سنڌي عالم نظر اچن ٿا.امام اوزاعي رحمت الله عليه، فقه جا چار مذهب حنفي، حنبلي، شافعي ۽ مالڪي انهن کانسواءِ هڪڙو پنجون فقهي مذهب امام اوزاعي جو آهي، جنهن جا مڃڻ وارا اسان جي برصغير ۾ گهٽ آهن پر عرب ۾ اڄ تائين به اوزاعي جا پيروڪار اوهان کي گهني قدر نظر ايندا. اهو فقه جو امام اوزاعي اصل ۾ سنڌي عالم آهي. عرب توڙي عجم ۾ پر پوري دنيا ۾ سندن پيروڪار اڄ به وڏي تعداد ۾ موجود آهن. سنڌ جا اهي عالم به ٿي گذريا آهن. جن آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پاڪيزه مسجد نبوي ۾ گنبذ خضراءَ جي اڳيان محبوب ڪريم رئوف رحيم صلي الله عليه وسلم جي روضهءَ اطهر جي سامهون ويهي، عربن کي علم پڙهايو آهي، يمن جي عالمن جون جيڪي استادي سندون ڏٺيون آهن ، هندستان، عراق ۽ شام جي عالمن جون سندون ڏٺيون آهن انهن جي استادي سلسلن ۾ سنڌي عالمن جا نالا ملن ٿا. شيخ عابد سنڌي جيڪو عرب جي هڪ عالم هڪ سنڌي عالم جي زندگي بابت لکيو آهي ساڍا پنج سئو فل سائيز صفحن تي مشتمل ان ڪتاب مٿان لکي ٿو، “ الامام الفقيه المحدث، الشيخ محمد عابد السندي الانصاري رئيس علماءِ المدينه المنوره في عصره ” هيءُ اصل سيوهڻ شريف جو اهو سنڌي عالم آهي جيڪو پنهنجي دور ۾ مدينه منوره جي عالمن جو امام سڏبو هيو، جنهن يمن وارن کي فيض ڏنو، عرب عجم وارا کائنس مستفيد ٿيا، يمن ۾ تبليغ ڪيائين، يمن جي بادشاهه جي وزير پنهنجي نياڻي هن کي شادي نڪاح ڪرائي، يمن جي بادشاهه کيس قاضي القضاءَ يعني (Chief Justice) جي عهدي تي مقرر ڪيو، اڄ به دنيا جي استادي سلسلن ۾ سندس نالو اچي ٿو، اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان فاضل بريلوي رحمت الله عليه جي سندون ۾ به سندس مشائخن ۾ هن سنڌي عالم جو اوهان کي نالو ملندو. حضرت احمد بن عبدالله ديبلي وارو هيءُ اهو سنڌي عالم ۽ بزرگ آهي، جيڪو امام حاڪم جو استاد آهي، جنهن امام حاڪم حديث جو ڪتاب المستدرڪ علي الصحيحين لکيو آهي، پيرين اگهاڙو هلڻ وارو هيءُ سنڌي عالم ۽ عابد حديث جي ان امام جو استاد آهي. سنڌ ۾ فيض ورهائڻ بعد نيشاپور ۾ ويو اتي وڃي علم جي نور سان دليون روشن ڪيائين. سندس قبر به نيشاپور جي الحيره قبرستان ۾ آهي. رجاءَ السنڌي سنڌ جو هڪ وڏو عالم ٿي گذريو آهي، جنهن 321 هجري ۾ وفات ڪئي آهي، ان کي “ رڪن من ارڪان الحديث” حديث جي ٿنڀن منجهان هڪ ٿنڀو سڏيندا هيا، اهو سنڌ منجهان نڪتو ايران ويو اتي اسفر ائيني جي نالي سان مشهور ٿيو، هن جا ڪتاب جيڪي اڄ به سڄيءَ دنيا ۾ پڙهيا وڃن ٿا اصل ۾ اهو عالم به سنڌ جو هيو، اهڙي طرح سنڌ جي عالمن بزرگن پنهنجون ديني خدمتون علمي لاٽ مڪي، مديني، ايران، عراق، يمن، شام ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏيندا رهيا آهن ۽ پوري عالم اسلام جي اندر جيڪو علم حديث ڦهليو آهي، ان ۾ سنڌي عالمن جو نمايان حصو رهيو آهي، اڪثر سندن ڪڙيءَ ڪٿي نه ڪٿي وڃي ڪنهن سنڌي عالم سان ملن ٿيون، سنڌي عالمن جي فيض جي روشني ڏيئي مان ڏيئو، لاٽ مان لاٽون ٻرنديون ويون ۽ اهڙي طرح جهان روشن ٿيندو رهيو . انهيءَ ڪري به مديني جي ماڻهن ۽ سنڌ جي ماڻهن جون عادتون تقريبا ملندڙ جلندڙ آهن، مهمان نوازي، پيار، شفقت، محبت، ڦاٻوهه، همدردي ۽ رحم دلي جيڪي مديني جي ماڻهن ۾ رب تعالي رکايون آهن ان جو فيض سنڌي ماڻهن کي به مليو آهي، اهڙي طرح روحانيت تصوف ۾ به سنڌي بزرگن جو ڪمال اهي، حضرت سلطان العارفين سيدنا بايزيد بسطامي رحمت الله عليه جو استاد ۽ مرشد شيخ ابوعلي سنڌي آهي، خود سيدنا بايزيد بسطامي رحمت الله عليه فرمائي ٿو ته“ مون ابوعلي سنڌيءَ جي صحبتن جو فيض حاصل ڪيو، اهو مون کي توحيد ۽ خالص حقيقتن جي تعليم ڏيندو هيو”، اهڙي طرح ئي شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه جن جي پنهنجي ڌرتي سنڌ سان ڪيڏي محبت رکي ٿو سنڌ کان ٻاهر جي ڪنهن قصي کي نه ڳايو اٿس، ليليٰ، مجنون، هير رانجهو ۽ ٻين کي ڳائڻ بجاءِ خالص سنڌي ڪردار مارئي ملير، مومل راڻو، ليليٰ چنيسر ڳايو اٿس، سنڌ تي ٻاهرين به حڪومتون ڪيون جيئن مغل، ارغون، ترخان وغيرهه پر ڀٽائي سنڌ جي سخي حاڪمن جادم جکري، سمن سومرن کي ساراهيو آهي، جکرا جيين شال تنهنجو مدو ڪنين نه سڻان، جيئن تو اچي ڪالهه نالائق نوازيو. ڀٽائي سرڪار رح پنهنجي شعرن ۾ نج سنڌي تشبيهون، اشارا ۽ استعارا ڪم آندا آهن. دوستي به ديسين سان رکڻ جي صلاح ڏني اٿس فرمائي ٿو، ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين“ لڏيو لاڏوڻا ڪيو، پنهنجي ديس وڃن، پڄاڻان پرين، ڪجي بس ڀنڀور کان. لطيف سرڪار وڌيڪ چيو آهي ته، وَرُ سي وطن ڄائيون صحرا ستر جن، گولاڙا ۽ گگريون اوڇڻ اباڻن، ويڙهيا گهمن وليين جهانگي منجهه جهنگن، مون کي ماروئڙن سڃ ڳڻائي سيڄ ۾. شاعرن جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمت الله عليه مرڻ کانپوءِ به وطن جي مٽيءَ ۾ پورجڻ کي ترجيح ڏئي ٿو، ڏيساور جي پٽ جي پوشاڪن بجاءِ اباڻي لوئي ۽ کٿيءَ کي ترجيح ڏئي ٿو. واجهائي وطن کي، ساري ڏيان ساهه، بت منهنجو بند ۾ قيد ۾ ڪريجاهه، پرڏيهياڻي پرينءَ ري، ڌارم ڌريجاه، ٿڌي وسائجانءِ ٿرن جي، مٽي مئيءَ مٿاه، جي پويون ٿئي پساهه، ته نجانءِ مڙه ملير ڏي. واجهائي وطن کي، ساري ساه ڏيان، هي سرُ ساڙيه سامهون، منهنجو نج، ميان، مقامياڻي مارئين، وڃي ٿر ٿيان، ميائي جيان، جي وڃي مڙه ملير ڏي. اسانجي بزرگن کي ڏسو ته ڪيئن نه پنهنجي ڌرتي سنڌ سان پيار ڪيو آهي، ياد رکڻ گهرجي ته وطن جي محبت ايمان جو حصو آهي. جنهن لاءِ سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم جي حديث مبارڪ آهي ته ؛ “ حُبُ الوَطن من الايمان”، معنيٰ وطن جي محبت ايمان جو سبب آهي، پنهنجي وطن سان محبت هڪ فطري ڳالهه آهي، سنڌين سان مديني واري شهنشاهه عربي گهوٽ صلي الله عليه وسلم جو پيار ۽ محبت آهي، هڪ دفعي سنڌ جي ڪامل ولي بزرگ حضرت سائين محمد هاشم ٺٽوي رحمت الله عليه مديني پاڪ ۾ پهتو جيڏي مهل گنبذ خضراءَ جي سامهون مواجه شريف جي اڳيان حاضر ٿيندي سلام عرض ڪيائين، الصلوات والسلام عليڪ يارسول الله ته مزار پر انوار منجهان آواز آيو وعليڪ السلام يا محمد هاشم ! ، ان وقت ڪيو ٻيو ماڻهو به بيٺو هيو ان جو نالو به محمد هاشم هيو، ان چيو مونکي جواب مليو آهي ، چيائون وري ٿا سلام عرض رکون، اول ان سلام ڪيو، سلام جو جواب ضرور مليو هوندو پر هنن کي ٻڌڻ ۾ نه آيو، وري هن ٺٽي واري سنڌ جي بزرگ سلام عرض ڪيائين “ الصلوات والسلام عليڪ يارسول الله” ته مزار پر انوار منجهان جواب آيو “ وعليڪ السلام يا محمد هاشم التتوي”، او ٺٽي وارا محمد هاشم توتي به سلام هجي. اهڙي طرح سنڌ جي ثقافت تي اسلامي اثرات پراڻي زماني کان هلندا پيا اچن ۽ سنڌ جي اجرڪ جو تحفو سائين ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي دربار عاليه ۾ تحفي طور پيش ڪرڻ جي روايت پڻ ملي ٿي ۽ سنڌي ٽوپي محراب جو ڏيک ڏئي ٿي ۽ نماز پڙهندڙ ماڻهو سڄي دنيا ۾ اهڙي سنڌي ٽوپي کي وڌيڪ پسند ڪري وڏي خوشي ۽ شوق سان پائين ٿا. جڏهن ته پٽڪو ( عمامو شريف) دستار ته سنت مبارڪه آهي. جيڪي قومون پنهنجي ثقافت، تهذيب، ريتون، رسمون ۽ رواج نٿا رکن انهن کي سنڌ جي شاهڪار ورثي سان پيار ڪري پنهنجي سنڌ امڙ جي محبت ۾ پنهنجو پاڻ کي ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي.ڇاڪاڻ ته سنڌي ماڻهو ڪڏهن به تعصب پرستي، لساني بنيادن تي پنهنجا قومي ورثه نه ملهايا آهن پر اهي هڪ عيد جي شڪل ۾ پنهنجا ڏهاڙا ملهائڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ اسانجي سنڌ ڌرتيءَ جي صوفياءِ ڪرام جي تعليمات ۾ مٺ، محبت، پيار، يگانيت، صوفي ازم واري برداشت سمايل آهي. ڪو ڪيئن چوي ڪو ڪيئن چوي مان جوئي آهيان سو ئي آهيان. هن عشق جي انداز کي سمجهڻ ته ڏکيو آ، سنڌ جي ايڪتا حقيقت ۾ اسان جي لاءِ هيءُ سنڌي ميڊيا جو پوري قوم لاءِ بهترين هڪ انمول تحفو مليل آهي انهي ڏهاڙي تي پوري قوم هڪ ڏينهن لاءِ ئي سهي خوشين ۾ ڀرپور ٿي وڃي ٿي. ڀڳو آئون نه چوان ، ماريو ته وسهان، ڪانڌ منهن ۾ ڌڪڙا ، سيڪندي سونهان، ته پڻ لڄ مران جي هونس پٺ ۾، سنڌ جي ثقافتي ڪلچر ڏهاڙي تي پوري دنيا ۾ منهنجي سنڌ جي خوبصورتي جا ثقافتي رنگ نکرجي پون ٿا ، سنڌ جي وجود ۾ جيڪو پنهنجائپ وارو لازوال ۽ بي مثال عنصر موجود آهي، سنڌ جي خمير ۾ جيڪا مٺ، محبت، پريت، پيار، نياز ۽ نوڙت سميت مهمان نوازي جون ريتون ۽ رسمون موجود آهن انهي جو دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۽ قوم ۾ اهڙو قربائتو انداز ۽ ماحول نٿو ملي سگهي، سنڌي ماڻهو ڪهڙي به ڪلاس جو هجي جڏهن انهي جي ٿر، بر، ڪينجهر کان ڪارونجهر ۽ عرب امارت دبئي توڙي ، انڊيا، ملائيشيا، ڪوريا، چين،جاپان، آمريڪا، لنڊن، يورپ سميت ٻين ملڪن ۾ هر پاسي سنڌ جا ماڻهو سورهيه جي ڪردار طور نمايان ڪردار ادا ڪندڙ آهن، سنڌي ماڻهو صدين کان پنهنجي ثقافتي رواداريءَ جو پاسدار رهيو آهي، سنڌي ماڻهوءَ ۾ اها انتهائي برد باري، غيرت مندي، قومي شعوري جاڳرتا واري مهم ۾ اڳ کان اڳرو رهيو آهي سموري سنڌ جرڪي پئي آهي، هر پاسي سنڌي ٽوپي اجرڪ، پٽڪا ۽ ڪلهن تي ڪهاڙي سان نڪرندڙ قافلا شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ ننڍن توڙي وڏن جا ميلا ڏسي هڪ عيد جو دلچسپ منظر ڏسڻ لاءِ ملي وڃي ٿو ، سنڌي ثقافت جي اهڙي خوشبوءِ جيڪا هميشه پنهنجن توڙي پراون کي قرب ونڊيندي رهي آهي، سنڌ جي ڪلچر ۾ اها خوبي پڻ نمايان آهي ته اسان جي ثقافتي اهڃاڻ اجرڪ کي خوشيءَ جي موقعن تي شادي ۽ غميءَ جي موقعن تي به استعمال ڪيو ويندو، آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪندي اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويندا آهن ته غمي وڇوڙي واري موقعي تي به اسان سنڌي انهي اجرڪ جي استعمال ۾ اڳيان هوندا آهيون، هيءُ سنڌي ثقافت ۾ اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي توڙي پٽڪو سنڌ جي روايتن جي اها خوشبودار مهڪ آهي جيڪا دنيا جي ٻين ملڪن کي دل و جان سان پسند هوندي آهي اهي سنڌي ثقافت ۾ اجرڪ، ٽوپي کي ڏسي وڏي خوشي محسوس ڪندا رهن ٿا، انهي لاءِ سنڌي قوم پنهنجي صدين واري ريتن رسمن ۽ ثقافت تي فخر ڪري ٿي.
0 تبصرے