صوفي فقير واسي گهوٽ پريم ڪولھي شادي ڪري ڪنوار سميت واپس وڃي رهيو کين اغوا جي مبينا ڪوشش ٿي
عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ سي اين جي پمپ لڳ ھڪ هوٽل تي نئين شادي شده جوڙي کي اغوا ڪرڻ جي مبينه ڪوشش ڪئي وئي، پوليس جي بروقت گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٿاڻي تي منتقل ڪيو، تفصيل موجب صوفي فقير واسي گهوٽ پريم ڪولھي پنهنجي ڪنوار کي ڏگو فارم کان شادي بعد وٺي واپس اچي رهيو هو ته جيئن ئي عمرڪوٽ پهتو، سي اين جي پمپ ڀرسان هوٽل تي اوچتو هڪ شخص علي عورت ھوري سميت ٽن ڄڻن مبينا طور گهوٽ ڪنوار ۽ سندن وارثن کي ڌمڪيون ڏيندي ڪنوار کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اطلاع ملندي ئي عمرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهوٽ، ڪنوار سميت ٻنهي جا وارث تحفظ خاطر ٿاڻي منتقل ڪيا، جڏھن تہ هرچند ڪولهي جي فرياد تي ٽن نامعلوم جوابدارن خلاف وومين ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي ۽ پوليس طرفان وڌيڪَ جاچ جاري آهي، جوڙي جي وارثن جو چوڻ آهي ته اسان کي بااثر ماڻهن کان خطرو آهي، اسان کي تحفظ ڏنو وڃي.
0 تبصرے