ڀارت جي پاڪستان دشمن بيان بازي کي خطي جي امن لاءِ ڳڻتي جوڳو قرار
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڀارتي وزيرِ دفاع راجناٿ سنگھ جي سنڌ خلاف بيان سڄي ملڪ ۾ سخت ناراضگيءَ جي صورتحال پيدا ڪري ڇڏي، جنهن بعد عمرڪوٽ ۾ اقليتي برادري سميت سول سوسائٽي پاران وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهرين پريس ڪلب عمرڪوٽ اڳيان ڀارتي وزيرِاعظم مودي ۽ راجناٿ سنگھ جا پوسٽر ساڙي سخت ناراضگي جو اظهار ڪيو ۽ ڀارت جي پاڪستان دشمن بيان بازي کي خطي جي امن لاءِ ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو، مظاهري ۾ شوڪت اڌھيپوري، غفار ناگوري، ارباب نيڪ محمد، امين ميمڻ، راجا محمود، ولي خان، سيف الله منگريو، نور محمد نهڙي، اسد علي ڀرڳڙي، چيتن مالهي، ڪرشن مالهي، وجئہ، سروپ، ريجهومل، ڪشور ڪمار ۽ لجپت راءِ سميت شهرين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، مظاھرين ڀارتي ڌمڪين خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته سنڌ پاڪستان جو اٽوٽ حصو آهي ۽ هميشه رهندو، ڪنهن به سازش سان ان جي وحدت ڪمزور نٿي ڪري سگهجي، مظاهرين وڌيڪَ چيو ته پاڪستان جي هندو برادري وطن ۽ پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏ بيٺل آهي، ھنن جو وڌيڪَ چوڻ هو ته ڀارت شڪست جي خوف ۽ بوکلاهٽ سبب ڪوڙو پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي، پر سنڌ سان محبت دلين مان ڪڏهن به ختم نه ٿيندي، هنن واضح ڪيو ته "هندستان" نالو به سنڌ مان نڪتل آهي، تنهنڪري ڀارت هوش ۾ اچي، ٻي صورت ۾ جواب ڏيڻ ڄاڻون ٿا، احتجاج دوران عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو ته ڀارت جي اشتعال انگيزي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ خطي جي امن کي درپيش خطري بابت فوري قدم کنيا وڃن، عمرڪوٽ سنڌ پاڪستان جو دل آهي، سنڌ تي ڪا سازش نامنظور، مودي مرده باد، راجناٿ مرده باد، جي فلڪشگاف نعريبازي سان گونجي اُٿيو، مظاھرين آخر ۾ چتاءُ ڏنو ته ڀارت جو سنڌ بابت بيان تاريخ ۽ حقيقت جي ابتڙ آهي، جنهن کي رد ڪريون ٿا ۽ ڀرپور جواب ڏينداسين.
0 تبصرے