English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي سنڌ جي ڪچي جو نو لکو ھار آھي. ڪراچي ۾ ڪنهن بہ ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين: اياز لطيف پليجو
9 views
|
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌي شاگرد تحريڪ QAT پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پيغام لطيف جي عنوان سان جلسو
ڄامشورو : سنڌي شاگرد تحريڪ QAT پاران سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پيغام لطيف جي عنوان سان جلسہ عام ٿيو، جنھن ۾ قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو.جلسي ۾ سنڌ، مھراڻ ۽ لمس سميت ٻين تعليمي ادارن جا ھزارين شاگرد شريڪ ٿيا. سنڌ يونيورسٽي پھچڻ تي شاگرد گلن جي ورکا ڪري ۽ اجرڪون اوڍائين اياز لطيف پليجي جو شاندار استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ پڙهيل سنڌ هوندي تہ سنڌ وڙهندي جي سنڌ اڳونٺي ڇاپ هوندي تہ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي پويان پندي پئي. ڪراچي اسان جي دل، دماغ، شھ رڳ، تخت گاھ آھي، جنھن کان سواءِ سنڌ تصور ڪونهي. ڪراچي سنڌ جي ڪچي جو نو لکو ھار آھي. ڪراچي ۾ ڪنهن بہ ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين. سنڌ سان پيار ڪيو ۽ پاڻ کي تبديل ڪرڻ سکو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌي پنھنجي مرضي ھلائين تہ سھي. ايم پي اي، ايم اين اي، چيئرمين، ميئر توهان جا نوڪر آهن. ڪم نہ ڪن تہ تبديل ڪري ڇڏيو. پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ سنڌ حڪومت سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ کي بچائڻ لاءِ شاگردن، نوجوانن، استادن، عورتن، ٻارن، مزدورن، ھارين سميت سنڌ جي باشعور عوام کي اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سنڌ جا ماڻهو ڌرتي، پاڻي، درياھ، ڪوئلو، پيٽرول، گئس ٻيٽن، تاريخي ماڳن، جبلن، ٻيلن، زمينون، معدنيات، خودمختياري جي لاءِ متحد نہ ٿياسين تہ تيسين حڪمران سنڌ جي ست ڪروڙ سنڌين جي قسمت سان کيڏندا رهندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ جھالت، وھمن ۽ ڌاڳن ڦيڻن جي ماريل سنڌ ظلمن ۽ ناانصافين جو مقابلو ڪونہ ڪري سگھندي، اڳتي وڌڻو آھي تہ جديد علمن، ڏاھپ ۽ سائنس سان جُڙڻو پوندو. غريب مائيٽن جا محنتي ٻارو! مڊل ڪلاس مائيٽن جا قابل پٽڙو ۽ باصلاحيت ڌيئرو! مستقبل توھان جو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ وڏا، باڪمال ۽ بامقصد ڪم ڪيو، ٿڪجو نہ، ويھو نہ، جر جا ڦوٽا ۽ حباب نہ ٿيو. ڀلي مخالفتون ٿين، رڪاوٽون پون، ٺٺوليون ٿين، حملہ ٿين، الزام لڳن، پر پنھنجي مقصد جي پويان لڳا اچو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڻ کي ٿورائتو ٿيڻ گھرجي پنھنجي پيءَ جو، ماءُ جو، ڀاءُ ڀيڻ ۽ استاد جو، سائنس، علم ۽ ادب جو، پنھنجي وطن ۽ قوم جو، پر پاڻ 24 ڪلاڪ شڪرگذار لڳا پيا آھيون وزيرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، سينيٽرن، ناظمن ۽ آفيسرن جا. اياز لطيف پليجي چيو تہ وڏا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ صبح شام محنت ڪيو، تمام گھڻي محنت. اھا محنت پھرين وڏي تڪيلف ۽ عذاب لڳندي، پوءِ روز جي ڊيوٽي لڳندي، پوءِ عادت بڻجي ويندي ۽ آخر ۾ اھا ساڳي محنت مزو، اعتماد، طاقت ۽ اعزاز لڳندي. اياز لطيف پليجي چيو تہ اوهان مستقل مزاجي سان اڳتي وڌندا، تڏهن اها ساڳي محنت اوهان لاءِ خوشي، طاقت، اعتماد ۽ عزت جو ذريعو بڻجي ويندي. آخر ۾ ماڻهو نہ رڳو مقصد حاصل ڪندو آهي، پر پاڻ ۾ نئون مان، نئون حوصلو ۽ نئون وقار بہ محسوس ڪندو آهي. اياز لطيف پليجي چيو تہ قدرت ماءُ طرفان پاڻ کي سنڌ تحفي ۾ مليل آهي پاڻ قدر ڪونہ ٿا ڪريون پاڻ سنڌ جو لحاظ، پوڄا، ٿورو نٿا مڃيون تہ اسان کي سنڌ ملي آ. پاڻ کي تبديل ڪرڻو آهي پاڻ کي مٽائڻو آهي. جيڪڏهن سنڌي پاڻ کي تبديل نہ ڪندا. پاڻ کي مٽائيندا ڪونہ، پاڻ جي لاءِ مشڪلاتون گهٽبيون ڪونہ، ڏينھون ڏينهن وڌنڌيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ لطيف عورت جي چپن ۽ ڳلن، قد ۽ ابرو جي بجاءِ بهادري ۽ سچائيءَ جي ساراھ ڪئي آهي. شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. شاھہ لطيف جي ڌرتي جو اصل حسن امن، برابري ۽ محبت آهي، شاھ لطيف جدوجهد، برابري ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. شاھ لطيف اشرافيه نہ پر عوام جو شاعر هو. فڪر لطيف ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏي ٿو. اسان کي شاھ لطيف جي پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا نوجوانو علم، سائنس، برابري، رواداري، امن، محنت، مستقل، ميرٽ، قومي حقن،پاڻي، وسيلن، زمينن، سنڌ جي وحدت سان جڙو.سنڌيو پنھنجي کي اولاد پڙھايو، وطن ۽ قوم سان جڙو، فضول ڪم ۽ خرچ ڇڏيو. اياز لطيف پليجي چيو تہ اقتدار، مال، دٻدٻي ۽ وزارتن کي ڪير ٿو پُڇي؟ بس رڳو ھنن دلنشين ۽ دلرُبا شاگردن، نوجوانن ۽ سنڌين جو ساٿ قدم قدم تي سدائين گڏ ھجي.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي شاگردن، شاگردياڻين، نوجوانن ۽ عام ماڻھن کي سجاڳ، سمجھو، باھمٿ، محنتي، باصلاحيت، جديد، باڪردار ۽ مستقل مزاج بڻائڻ لاءِ، بنا ٿڪجڻ، ويھڻ ۽ شڪايت ڪرڻ جي لڳاتار ۽ توڙ تائين پيو ھلندس. آئون اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ويندس انھن جي نوجوانن کي چوندس سنڌ کي تبديل توهان کي ڪرڻو آهي. استادن، وڪيلن، ڊاڪٽرن، انجنيئرن، عورتن، نياڻين کي چوندس پنهنجو مستقبل تبديل ڪيو پنهنجي غلت فيصلن کي واپس وٺو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پورھيو، محنت ڪريو، مستقل مزاجي سان ڄمي مقابلو ڪريو فيصلو ڪيو محنت جو تہ ان فيصلي تي قائم رھو منشيات، ڏوھن کان بچو، شرابن، ٺرن،چرسن، آئيس، پانن، گٽڪن، جوائن کي لت هڻي اڇلائي ڇڏيو. علم، سائينس سان جڙو علم جي رستي تي اچو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنھنجي سچي دين سان جڙو آئون رڳو علم سائينس ڪون ٿو چوان حضور اڪرم ﷺ جو برابري، امن، محبت، انصاف وارو عورتن ۽ مردن کي پنھنجا حق ڏيڻ وارو، مظلوم سان گڏ بيھڻ وارو ان دين سان ھي جيڪي ملان ٻڌائين ٿا اھو نہ جنهن ۾ نفرت آهي ھن کي ماري ڇڏيو، ھن کي قتل ڪري ڇڏيو، ھن کي ڪھي ڇڏيو حضور اڪرم ﷺ وارو برداشت، صبر، پيار ۽ سڄي جڳ جھان جو خير گھرن وارو ان دين سان گڏجي بيھو. اياز لطيف پليجي چيو تہ پاڪستان جي آئين سان، قانون، ميرٽ سان گڏجي بيھو. پورھيي، محنت کانسواءِ ڪو بہ شاٽ ڪٽ ڪونهي محنت، پورھيي، علم، سائينس، رواداري، برابري، پنھنجي وطن ۽ قوم سان جڙدو توهان جي فتح آهي توهان جا ٻيڙا پار آهن مستقبل جو سنڌ آباد ھوندي سرسبز، خوشحال ھوندي ۽ ڳاٽ اونچا ڪري بيھندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ موجود سنڌ ۾ شھباز شريف، ايم ڪيو ايم، آصف زرداري، مريم نواز ۽ ان جا ملڪ سڀئي ھڪڙي پيج تي آهن انهن سڀني سوچيو آهي اسان وٽ اقتدار بہ آهي جنگيون بہ کٽيون آھن زرداري، نواز شريف گڏ آهي سڀني کي گمائي ٿا وٺون اٽڪل اھا ذھن ۾ آھي تہ ننڍڙا ننڍڙا يونٽ ڪيو پوءِ سنڌ وڏي ھوندي ڪون ننڍڙي ننڍڙي سنڌ ھوندي مزاحمت ٿيندي ڪون. جيڪڏهن توھين سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندو ان سازش ۾ ڪنهن عالمي طاقتن تي عارضي جوڳھاڙ ڪري بہ وڃون ۽ پوءِ اڃين آهي ڇا ھڪڙن کي جرمني موڪلي ڇڏيو ٻئين برازيل موڪليو سنڌي توھان سان ھر جاءِ تي مزاحمت ڪندا تنھن ڪري اھو ذھن مان ڪڍي ڇڏيو سنڌين کي 8 ڪروڙ کي ورھائڻ جي اتڪلن سان سنڌين جي قومي پرامن مزاحمتي جدوجھد ٽوڙي ۽ روڪي سگھندو سنڌ ھزارين سالن کان ھڪ آهي ھزارين سالن تائين دورن ۾ ھڪ رھندي تنھن ڪري توهان جي سمورن منصوبن کي سنڌ جو عوام ناڪام بڻائيندو توهان شڪست ايندي شڪست ائين ايندي جنهن ايوب خان، يحي خان کي آھي ضياء جي مارشلا کي آھي مشرف جنهن مڪون پئي ڏيکاريون ان کي آھي شڪست انهن سڀني جي ڀاڳ ۾ لکيل آهي جيڪو سنڌ جي عوام سان ٽڪرائيندو. جلسي کي ايس ايس ٽي جي مرڪزي صدر مدثر سرڪي، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، عامر کوسو، اشفاق پليجو، ثقلين عباس،اشرف پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون،رفعيہ پليجو، نصرت خاصخيلي، شوڪت تنيو،نعيم شر،مھدي لغاري ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی پریس کلب کے ممبرز کے639 پلاٹس کا حصول بڑی کامیابی ہے،سہیل افضل خان
03rd Dec 2025
•
سندھ
کراچی میں مشتعل افراد کا حملہ، انسداد تجاوزات کا ٹرک نذرِ آتش
03rd Dec 2025
•
دنیا
آئس لینڈ دنیا کے سب سے محفوظ ممالک میں شامل، محفوظ ترین ممالک کی فہرست جاری
03rd Dec 2025
•
دنیا
بھارت میں لرزا خیز سانحہ: عورت نے حسد میں آکر اپنے ہی بیٹے سمیت 4 بچوں کی جان لے لی
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ فرينڊز فورم پاران دبئي ۾ سنڌ جي هزارين سالا شاندار تاريخ رکندڙ ثقافت جو ڏھاڙو ملھايو ويو
03rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي سنڌ جي ڪچي جو نو لکو ھار آھي. ڪراچي ۾ ڪنهن بہ ھٿ وڌو ڪراچي کان ڪشمور تائين روڊ رستا بند ڪري سنڌ جام ڪري ڇڏينداسين: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌي شاگرد تحريڪ QAT
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے